ڳاڙهن رتڙين ۽ سڳداسي چانورن جي خوشبوءِ سان سڃاتو ويندڙ ضلعو جيڪو هاڻي سارين جي هائبرڊ ٻجن سان ساريون ته پيدا ڪري ٿو پر انهن سارين ۾ اها خوشبوءِ ناهي جيڪا ماحول کي وڻندڙ بڻائيندي هئي، هاڻي هائبرڊ ٿيندڙ سارين ۽ انهن تي استعمال ٿيندڙ زرعي جيت مار دوائن ماحول کي گدلو بڻائي فصل دوست ۽ ماحول دوست جيتن ۽ ٻي آبي جيوت کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو آهي ماحول دوستي وارو ماحول هاڻي انسان دشمن بڻجي ويو آهي.
لاڙ هاڻي خطرناڪ بيمارين جي ور چڙهي ويو آهي بدين جو مقدر ٻوڏون نهري پاڻي جي قلت جي ڪري اجڙي ويو آهي هڪ طرف قدرتي آفتون مسئلا پيدا ڪن ٿيون ته ٻي پاسي چونڊيل نمائندن جي پنهنجي ماڻهن جي مسئلن ۾ عدم دلچسپي سبب مسئلا حل ٿيڻ جي بجاءِ وڌي وڻ ٿي ويا آهن .
جڏهن ته گهڻي منافعي وارو هن وقت وڏو ڪاروبار منشيات آهي جنهن ۾ اڪثريت سفيد پوش طبقي جي آهي جيڪي ڪٿي نه ڪٿي عوامي نمائندا سڏرائي عوام جي نسن ۾ زهر ڀرين ٿا ٻي طرف بدين جي ننڍن وڏن شهرن ۾ بدامني جو راڪاس هر پاسي بي لغام بڻجي ويو آهي
لاڙ جو خوشحال تيل ۽ گئس ۾ مالا مال ضلعو بدين پنجن سالن ۾ ترقياتي ڪمن کان محروم رهيو ايتري قدر پيپلزپارٽي جو چونڊيل نمائندن پنهنجي تڪن کي بي يارو مددگار بڻائي ڇڏيو، مک روڊ نه ٺهڻ ڪري بدين جو عوام سفري سهوليتن کان محروم رهيو،
بدين ۾ پنجن سالن ۾ پاڻي جي کوٽ رهي پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگار هاري ساڃاهه وند ڌرين پنهنجي ننڍن وڏن شهرن ۾ ننڍا وڏا پيادل مارچ ڪري پاڻي لاءِ پڪارون ڪندي روڊن تي نظر آيا، اڪرم واھ جي مين ڪئنال جي آرڊي 95، 96 مان غيرقانوني طور سکر بئراج جي روهڙي ڪئنال جي هزارين ايڪڙ زمين جيڪا طاقتور ڌرين جي آهي انهي کي واڌو پاڻي ڪوٽڙي بئراج جو ڏيڻ لاءِ وزير اعليٰ جي حڪم تي هڪ سمري منظور ڪري ڪوٽڙي بئراج جي پاڻي تي ڌاڙي لاءِ واٽر ڪورس ڪڍي بدين جي پوڇڙ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ جون ڪوششون ڪيون ويون آهن انهي ايڏي وڏي ظلم انياءَ تي جتي بدين جي ٽيلن جو آبادگار، هاري ساڃاه وند سراپا احتجاج آهي اتي چونڊيل نمائندا ايڏي وڏي زيادتي تي به خاموش تماشائي رهيا آهن ڇو ته بدين جي عوام هنن چونڊيل نمائندن کي ڪامياب ڪري اسيمبلين ۾ موڪليو هو پر افسوس بدين جي ماڻهن سان ٿيندڙ ظلم تي حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ به نه سري گذريل سال هٿرادو ٻوڏ سبب مسڪين ماڻهن جا اجھا لڙهي پٽ ٿي ويا حڪمرانن جا اعلان اعلان ئي رهيا متاثر ماڻهون اڄ به سردي ۾ کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن،
ٻوڏ سندن سڀ خوشيون پاڻ سان لوڙهي کڻي وئي پنجن سالن کان ٻج ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري زراعت کي هٿ سان تباهي ڪناري آندو ويو بدين جتي هزارين ايڪڙن تي ساريال جو فصل ٿئي ٿو انهي جي آبادگارن جو ڳلو ڪپڻ لاءِ زراعت کاتي روينيو کاتي ۽ واپارين جي ملي ڀڳت سبب زميندارن کي ڪوبه منافعو نه ملي سگهيو مسڪين هاري ويتر قرضي بڻجي ويا بدين جتي امن جو پکي اڏام ڪندو هو اتي چوريون ڦرون قتل عام جام رهيو، پنجن سالن ۾ بدين منشيات جو ڳڙهه بڻجي ويو، چونڊيل نمائندن تي به منشيات وڪرو ڪرڻ جا مختلف وقتن تي الزام لڳندا رهيا آهن .
بدين ضلعي ۾ ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ٽماٽر جي سبزي منڊي موجود آهي حڪمرانن جي غلط پاليسي ڪري ٽماٽر ٻاهران گهرائڻ سبب زميندارن ڳرا خرچ، مهانگا ڀاڻ خريد ڪري ٽماٽو لڳايو جنهن جو زميندارن کي صحيح اگهه نه ملي سگهيو، رهندو خوشحال زميندار به ڪنگال بڻجي قرضي ٿي ويا وري ساڳيا چهرا گاڏيون تبديل ڪري پنجن سال اڳ ۾ هلڪين گهٽ پئسن وارين گاڏين ۾ بدين جي ووٽرن کان ووٽ گهرڻ آيا هئا هن دفعي انهي کان وڌيڪ مهانگين ۽ لگزري گاڏين ۾ چڙهي ووٽ لاءِ نوان واعدا ڪري ميدان تي لٿا آهن ته ساڳئي مخالف ڌر به ميدان تي آهي ڏسجي ته بدين جو عوام پراڻن چهرن کي رد ٿو ڪري يا وري ساڳين کي اڳتي ٿو آڻي اهو فيصلو 8 فيبروري تي عوام کي ڪرڻو آهي