سياسي اتحاد ۽ عام چونڊون

رياض ابڙو 

هيءَ ڪا سياسي ميار ناهي پر جڏهن به سياسي پارٽيون اليڪشن جي تياري ڪن ٿيون تڏهن ايئن ٿو لڳي ته ملڪ ڄڻ هاڻي آزاد ٿيو يا ڪير ڏٺل ئي ناهي، سڀ جو سڀ سياسي پارٽيون نيون نڪور آهن، جيڪي ڳالھه  ڪن ٿا اهي ڄڻ آزمايل ئي ناهن ۽ جيڪي چون ٿا اهو سورنهن آنا سچ آهي. اها ڳالھه  به مڃون ٿا ته سياست ۾ ڪو حرف آخر ناهي ۽ دشمن دوست هوندو آهي ۽ دوست دشمن به، يا دشمن جو دشمن دوست هوندو آهي. پر اها ڳالھه  ڪيئن مڃون ته جيڪي به ڳالھه  هاڻي سياسي پارٽيون ڪن ٿيون اها سچ ئي هوندي؟ توڻي جو ڪنهن کي ڪا خبر ناهي ته ڪير کٽندو يا ڪير هارائيندو؟ يا ڪير ڪيتري پاڻي ۾ آهي. ان ڪري جو سڀني سياسي پارٽين کڻي پاڻي کان اڳ ۾ لٽا لاٿا آهن. ان تناظر ۾ هاڻي ڳالھه  ايم ڪيو ايم کان شروع ٿا ڪيون جنهن ۾ 2016 وارو ڪراچي آپريشن ٿيو هيو ۽ ان کان اڳ 1992 وارو ايم ڪيو ايم جي خلاف سخت ترين فوجي آپريشن ٿيو هيو جيڪو ايم ڪيو ايم کان وسري ويو آهي (شايد). هونءَ نوازشريف کڻي اسان سنڌين جو ڀلو ڪيو هيو، پر هَڙَ ته ايم ڪيو ايم جي وئي هئي جو ذرو نه ملين نه ذري کي ۽ سمورو شيرازو ئي وکري وين، جو هيل تائين سڌا ناهن،. جيڪي به پوک پوکي هين اها لڻي وري ڪو ٻيو ويو ۽ انهن آپريشنن کانپوءِ ان جهڙي سياست ناهن ڪري سگهيا جو هڪ فون ڪال تي سڄو شهر بند ڪرائي ڇڏيندا هيا ۽ شهر ۾ انڊر ورلڊ جو راڄ هوندو هيو.

يا 2018 واري اليڪشن جو مثال وٺونجو ان ۾ ڪيتري به رگنگ واري هئي، يا مالڪن ويهي سِٽَ سِٽي ۽ هڪ دادلي کي مٿي کڻي آيا هيا يا هاڻي اندر به انهن ئي ڪرايس يا پنهنجن پرڪارن تي هليو ويو، پر پي ٽي آءِ ايم ڪيو ايم جو سياسي ڪيريئر خراب ڪري وئي ۽ انهن جا پَريا پڌرا ڪري وئي جو ماڻهن کي ايم ڪيو ايم جي گهاٽي سرنهن نظر اچي وئي. ڇو ته مسلسل فوجي ۽ رينجرس وارن آپريشنن هنن ايم ڪيو ايم جو الهھ تلهھ ئي تباھ ڪري ڇڏيو. يا هڪ مثال مارچ 2021 ۾ ٿيل اين اي 249 واري بلديا واري علائقي جي ضمني اليڪشن جو به وٺو جنهن ۾ اها ننڍي اليڪشن وري ايم ڪيو ايم سميت پي ٽي آءِ جي به هڙ کڻي وئي جو عبدالقادر مندوخيل پيپلزپارٽي جي سيٽ تي سڀني کي پوئتي ڇڏي ويو، توڻي جو اها سيٽ 2018 ۾ پي ٽي آءِ جي فيصل واوڊا کٽي هئي پر تڪ تي ٿيل پيپلزپارٽي جي ترقياتي ڪمن ماڻهن جي ووٽن کي پي پي ڏي ڦيرائي ڇڏيو هيو، اهو ان ڪري ته ڪاميابي حاصل ڪرڻ مشڪل ناهي پر ان ڪاميابي کي مسلسل ڪامياب رکڻ يا يڪو رکي هلڻ مڙسي هوندي آهي، جيڪا پيپلزپارٽي ڪري ڏيکاري ان ڪري ته عملي سياست ڪجي نه ڪي ڪو کوکلي سياست.

هونءَ تاريخ ۾ 2008 ۽ 2013 واريون عام چونڊون گذريل سڀني چونڊن کان غيرمتنازعا هيون جنهن ۾ ڪنهن به پارٽيءَ ٻڻڪ نه ڪڇي ۽ سڀني جي هوم ورڪ انهن سياسي پارٽين کي سوڀ ڏياري ڏيکاري. پر ان جي ڀيٽ ۾ 2013 واريون چونڊون ايتريون ئي متنازعه هيون جيتريون 2018 ۽ 2013 واريون صاف ۽ شفاف هيون. ان ڪري اهي چونڊون پِرِي پِلان نه هيون ته جيئن رڳو عمران خان سوڀارو ٿئي ۽ اهي چونڊون هٿ وٺي ڪيون ويون هيون. اها ٻي ڳالھه  آهي ته هيءَ رياست ڏينهون ڏينهن وڃي ٿي فوجي ٿيندي، اها به حقيقت آهي ته جنهن به سياسي پارٽي اسٽبلشمينٽ، فوج، ايوان، عدالتن يا نام نهاد ادارن کي به پٺي ڏني يا انهن سان مُنهان مُنهن ٿيون ته معنيٰ پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻنديون، تيئن ئي هاڻي به اها ڳالھه  نظر ٿي اچي. ڀلي عام چونڊون 8 فيبروري 2024 تي نه به ٿين پر اها ڳالھه  نون ليگ جي ڳچيءَ ۾ پوندي جنهن جي ڪري اهي جيڪي به اليڪشن کان اڳ وارا اتحاد ڪن ٿا اهي سڀ لوڻ پاڻي ٿي ويندا، ڇو ته هاڻي ايم ڪيو ايم سميت ”جي ڊي اي“ ٽائيپ جيڪي به اتحاد آهن انهن ماضيءَ ۾ ڪڏهن به ٻوٽو ناهي ٻاريو ته هاڻي ڇا ڪندا؟ يا ڇا ڪري سگهندا؟ ان ڪري جو انهن جي سياست هيٺ تائين ناهي معنيٰ ڊائون ورڊ ناهي. انهن ڪڏهن عوامي ڪم ناهن ڪيا اهي ڪڏهن پاڻ لهي ماڻهن ۾ عام بهبود جا ڪم سرانجام ناهن ڏئي سگهيا ته اهي ماڻهن جي آڏو کوکلا نعرا نه ٿا هڻي سگهن. ان ڪري ته ڳالھه  وري به مرڪز معنيٰ اپ ورڊ پهنچ جي آهي ته اهي جن به پارٽين کي چاهن ٿا ته انهن جي آڏو پوءِ اين ايف سي ايوارڊ جا پئسا به هارن ٿا، انهن جي آڏو ترقياتي بجيٽ به رکن ٿا، انهن جي آڏو صحت ۽ تعليم جا اڻ کُٽِ ناڻا به اڇلي ڏين ٿا، نه ته اهي ماڻهو پوءِ مرڪز ۾ ويهي به ڪا وزارت نه ٿا ماڻي سگهن، نه ڪنهن کي نوڪري ڏياري ٿا سگهن، نه ڪنهن کي ڪي صحت جون بنيادي سهولتون به.

هونءَ اها ڳالھه  لڪيل ناهي ته نون ليگ جي دور ۾ هڪ به وفاقي وزير سنڌي ناهي هوندو. اهي سڀ جا سڀ وزير پنهنجا پنهنجا واري رکي ڇڏيندا آهن. ڇو ته 60 کان مٿي ته رڳو انهن جا پنهنجا رشتيدار آهن، جن ۾ اسحاق ڊار کان وٺي وري شهبازشريف تائين ۽ مريم نواز کان وٺي مريم اورنگزيب تائين جيڪي کٽندا ئي ناهن، ته اهي سنڌي ۽ ٻين غيرپنجابي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز کي ڪهڙيون وزارتون ڏئي سگهندا؟ ان ڪري ڏٺو پير ۽ پُني مراد. هاڻي جيڪي به اتحاد ٺهن به ٿا ته اهي رڳو پيپلزپارٽي جي ضد واري سياست ۾ ٺهن ٿا ۽ اهي ممڪن آهي ته وري ڊهي به پون. ان ڪري ان ساڳي تناظر ۾ پيپلزپارٽي به ٻين پارٽين سان اتحاد جوڙيندي ٿي وتي جنهن ۾ ان ئي ”جي ڊي اي“ جون وڪيٽون آهن جيڪي روز روز ڪِرن ٿيون ۽ پيپلزپارٽي وارا ميڙيندا گڏ ڪندا اتحاد جوڙيندا ٿا وتن. ان ڪري سڀ ڪنهن کي ليول پليئنگ فيلڊ مهيا ڪئي ٿي وڃي  ان کانسواءِ پي ٽي آءِ جي، جو جن جي ليڊرن جا هٿ ٻَڌي چون ٿا ته هاڻي وڙهو، ڀلا جي نااهل آهن به ته پوءِ نون ليگ جا به سڀ جا سڀ به ته نااهل آهن جن ۾ نوازشريف پاڻ به آهي جنهن کي ڪورٽن اڃان ڪلين چِٽِ ناهي ڏني ته تون ڪرپشن کان آجو آهين يا ٿي  به سگهي ٿو. ان ڪري جو ڳالھه  اڃان به گهڻي آ هي جنهن ۾ جيستائين اهي اسٽبلشمينٽ، فوج، ايوان، عدليا، ايجنسيون ۽ پاڻ سياسي پارٽيون ڌر نه ٿيون ٿين تيستائين اهي ادارا به وَٽِ وٺيون پيا ٿا ونگارون وهندا، ۽ جڏهن ڏسن ٿا ته پي ٽي آءِ وانگي ڪا پارٽي هاڻي ڌر ٿي وهي ٿي، جيئن هنن پنهنجي دور ۾ نون ليگ جي پويان لٺِ باٺو کنئيو هيو پر دال نه ڳرين. ان ڪري ته ڪرپشن پاڻي تي ليڪا آهن، جيڪي ثابتيون وٺڻ ۾ حياتيون وٺي ٿا وڃن. ان ڪري سياست لهي گُڏي ڪجي ۽ ڀرپور ڪجي، جنهن ۾ رڳو عام فلاح جون ڳالهيون هجن، نه ڪي ڪو ڪنهن سياسي پارٽي جي پويان هرڀرو هُل بکيڙو ڪرڻ جون، جيئن نون ليگ به ڪندي آهي، ته هنن هر دور ۾ رڳو بدلي جي سياست ڪئي ۽ سمجهندا آهن ته انهن جي سامهون ڪا به اهڙي پارٽي نه هجي جيڪا مرڪز جي سياست ڪندي هجي پوءِ اهي سڀ ڌريون پرزيون نُما پارٽيون هجن جيڪي صوبن يا شهرن تائين محدود هجن جنهن ۾ ايم ڪيو ايم هجي يا ”جي ڊي اي“ اتحاد هجن، ان ڪري ته اهي پارٽيون يا ته عملي سياست نه ٿيون ڪن يا جي ڪن ٿيون ته سواءِ لساني سياست جي ٻيو ڪجهھ به نه.

اها ڳالھه به سمجهون ٿا ته سڀ پارٽيون سڀني جون پرکيل آهن، سڀني پارٽين جا فائيل اسٽبلشمينٽ، فوج، عدليا، ايوان، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين ادارن وٽ کليا پيا آهن، رڳو اهي عوام جي اکين تي هٿ رکي سياست ٿا ڪن. نون ليگ جي ته هاڻي جي ڳالھه  آهي، جو مريم نواز پاڻ عدالت ۾ ڪوڙ ڳالهائي نااهل ٿي وئي هئي، نوازشريف پاڻ عدالت جي آڏو ڪوڙ ڳالهائي ويٺو هيو، جهانگيرترين به ڪرپشن جي سزا هيٺ آهي، باقي بچيو ڪير؟ يا شهبازشريف سان گڏ حمزاشهباز به ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جي ڪيسن ۾ سزا يافتا آهي، باقي هي عوام کان ڇا ٿا لڪائن. پر سڀ پارٽيون هڪٻئي کي هيٺ ڪرڻ يا سبقت حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهي اڳ وارا اليڪشن اتحاد ٿا جوڙن ان ڪري ته ايم ڪيوايم سميت جيڪي به ننڍڙيون ننڍڙيون پارٽيون آهن انهن جا تڪ وڏا وڏا ناهن يا انهن ماضي ۾ بيلٽ باڪس تبديل ڪري، رگنگ ڪري، ٺپا مافيا ٿي چونڊون پئي کٽيون آهن. پر جڏهن چونڊون شفاف ٿين ٿيون ته انهن جي ڪچا چٺا عوام جي سامهون اچي ٿا وڃن، هاڻي شهرن جي ڀتين تي رنگ برنگي چاڪنگ ڪري اليڪشن ۾ سوڀارو ٿيڻ ممڪن ناهي رهيو، عوام چاهي ٿو ته اها پارٽي اچي جيڪا حقيقي معنيٰ ۾ ڪم ڪري ڏيکاري ۽ ماڻهن جي دردن جو درمان ٿئي، ماڻهن جي بنيادي سهولتن جي ڳالھه  ڪري، ماڻهن جي لاءِ روزگار جي ڳالھه  ممڪن ڪري، لسانيت، رنگ نسل ۽ فرقيواريت کان مٿي ٿي ڪم ڪري، ماڻهن جي اهنجن ۽ آزارن جي علاج جي ڳالھه  ڪري، ماڻهن جي لاءِ اهي شيون ممڪن ڪري جيڪي ماضي جا سياستدان نه ڪري سگهيا. ان ڪري عملي سياست جي اشد ضرورت آهي پوءِ جيڪا به پارٽي ڪندي اها سوڀاري ٿيندي ۽ جيڪا رڳو حوال ۽ سکڻا کوکلا نعرا هڻي عوام کي وري چريو ڪندي ان سان حشر به بُرو ٿيندو.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.