سنڌيو  ايندڙ وقت جي خطرن   سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو

ذوالفقار واھوچو

‏جڏهن رات گهري اونداهي ۾ وڪوڙ جي ويندي آهي ته ان کانپوءِ روشن صبح جا آثار ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن، پاڪستان اندر غير جمهوري ۽ غير آئيني قدم پنهنجي انتها تي پهچي چڪا آهن، هاڻ حقيقي سچي پچي جمهوريت ۽ آئين جي بالادستي وارو دور اچڻ جا روشن امڪان نظر اچن پيا، سڀ ڪجهه ايڪسپوز ٿي ويو آهي، عدل و انصاف نه ٿو ملي، سول، ملٽري ۽ جوڊيشل اشرافيا جو ڳٺ جوڙ اڳئي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اگهاڙو ٿي پيو آهي. هي سمجهن ٿا ته جبر سان، ڏاڍ سان عوام کي دٻايو ويندو، اها انهن جي ڀل آهي عوام هميشه جبر سان ۽ ڏاڍ سان هڪ هڪاڻي ڪئي آهي، خوف گهڻو وقت قائم نه رهي سگهندو، عوام جي وڏي اڪثريت جڏهن ان سڄي غير آئيني ، غير قانوني ۽ غير اخلاقي رويي، طريقي ۽ عمل کي ڀرجهي ويندي ته هڪ جهٽڪي ۾ ان کي مليا ميٽ ڪري ڇڏيندي، عوام چاڪي جو ڏاند ناهي جنهن کي اکين تي کوپا ٻڌي سڄي حياتي پيو گهاڻي ۾ هلائجي.

هن نظام جي خاتمي جو وقت اچي ويو آهي، عالمي، ملڪي ۽ ريجنل سياسي، معاشي ۽ سماجي حالتون ساڳيون نه رهيون آهن، اسرائيل ۽ فلسطيني جنگ جو دائرو وڌي پيو، يمن، لبنان، ايران سميت ٻيا ملڪ به ان جي وڪڙ ۾ اچي رهيا آهن اهو سلسلو وڌي ويندو ته ٽين عالمي جنگ جو ماحول تيار ٿي ويندو. ، ٻئي پاسي اڳ ئي روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگ جاري آهي ان يورپ جي معيشت، سياست، ڪاروبار ۽ سماجي زندگين تي اثر ڇڏڻ شروع ڪيا آهن، هوريان هوريان صورتحال خطرناڪ شڪل اختيار ڪندي پئي وڃي  اها جنگ عالمي ٿي وئي ته ڪروڙين انسان جانيون وڃائي ويندا، ڪروڙين مستقل معذور ٿي ويندا، ملڪ جون معشيتون ختم ٿي وينديون. ڪيترا ملڪ دنيا جي گولي تان ميسارجي ويندا، ۽ ڪيترائي نوان ملڪ جنم وٺندا، بک، غربت، بدحالي، بي روزگاري سبب وڏا ڏڪار پيدا ٿيندا، ان ۾ به ڪروڙين انسان اجل جو شڪار ٿيڻ جا امڪان آهن،

ماحولياتي تباهي پڻ ان  ويڙھ ۾ پنهنجو حصو ملائيندي، اهي سڀ تباهيون، برباديون هڪ ئي وقت جنم وٺنديون انهن کي سنڀالڻ ڪنهن جي وس ۾ نه رهندو، هر طرح جنگ، جهيڙي۽  ڦر مار جو راج هوندو. انهن حالتن ۾ اسان جهڙا ڪمزور ملڪ پنهنجو وجود ڪيئن بچائيندا، ڪا امڪاني جاگرافيائي تبديلي اچي ٿي ته ان سان سنڌ ۽ پاڪستان جا ماڻهو ڪيئن منهن مقابلي ٿيندا، ان لاءِ ڪهڙي تياري آهي، اهڙا ٻيا انيڪ سوال آهن جيڪي بحث هيٺ اچڻ  گهرجن ۽ انهن جا حل اڳواٽ ڳوليل هجن ته جيئن ڪنهن وڏي الميي کان بچي سگهجي. سنڌ گذريل هڪ هزار سالن کان مسلسل جنگ، جبر، ڦرلٽ، جهالت ۽ بي سمجهي جو شڪار آهي، هن وقت تمام گهڻي هيڻي آهي، ماريل. ستايل، ڦريل ۽ لتاڙيل آهي، زخمي آهي اڌ مئي ٿيل آهي. ٻي ستي نيم بي هوشي ۾ آهي  ان کي ڪيئن تندرست ڪجي، ڪيئن نئون بنو ڪجي ان لاءِ اسان وٽ ڪهڙي رٿابندي آهي، ڪهڙي تدبير ۽حڪمت عملي آهي،ان کان قوم کي باخبر هجڻ گهرجي.

پاڪستان جون موجوده حالتون جمهوريت کي ڏينهن به ڏينهن ڪمزور ڪري رهيون آهن آئين ۽ قانون کي  بي آبرو ڪري عوام ۾ اهو احساس پيدا ڪيو وڃي ته اوهان جي ڪا به اهميت ناهي، اوهان تي رڳو حڪمراني ڪرڻي آهي ۽ مخصوص اشرافيائي ٿورائي جي پالنا لاءِ اوهان کي رکيو پيو وڃي، اهو سلسلو ڪنهن به ريت گهڻو وقت هلي نه سگهندو. ڪوڙ ڪوڙ هوندو آهي اهو عارضي طور سچ کي دسي سگهي ٿو پر مستقل شڪست نٿو ڏئي سگهي، ڇاڪاڻ ته ڪوڙ ۾ ڪا وڏي سگهھ نه هوندي آهي، اهو پنهنجي  افعالن جي ڪري پاڻهي غرق ٿي ويندو آهي، پاڪستان اندر لياقت علي خان کانپوءِ ڪو  به سول حڪمران بااختيار، خودمختيار نه رهيو آهي اهو اسٽيبلشمينٽ سان ڳٺ جوڙ ڪري ايندو آهي پوءِ ٽنگو ٽالي ڪري ڪرسي تان رسوا ڪري لاٿو ويندو آهي، ڦاهي چاڙهيو ويندو آهي، ماريو ويندو آهي، جلاوطن ڪيو ويندو آهي، جيلن ۾ واڙيو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته اهو عوام جي طاقت بدران اسٽيبلشمينٽ جي ڪلهن تي چڙهي ايندو آهي ان جي مفادن کي پورو نه ڪندو آهي ته ان کي ذليل ڪري عوام اڳيان گندو ڪري لاٿو ويندو آهي، هاڻ اها راند عوام سمجهي ويو آهي. عوام پنهنجي اصل حقيقي قيادت ۽ اتحاد جي تلاش ۾ آهي جيئن ان کي ماحول ملندو، اهو هڪدم اهي کسيل واڳون ورائڻ لاءِ ميدان تي اچي ويندو

سنڌ جي عوام کي وڏي خبرداري سان، چوڪسي سان پنهنجي قومي وسيلن ۽ مفادن جي نگهباني ڪرڻي پوندي، هي وقت تمام سنڀالي هلڻ جو آهي، هتي جيڪو نظر اچي ٿو اصل ۾ اهو ناهي هوندو. پردي پويان اصل فلم هلي رهي هوندي آهي اسان رڳو سامهون ٻيا ٽيلر پيا ڏسندا آهيون، اصل فلم اها آهي ته سنڌين کان زمين کسي پئي وڃي، وطن ۾ ٿورائي ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، وسيلن تي ڌارين جو قبضو ڪرايو پيو وڃي. درياھ تي بند ٻڌا پيا وڃن، نوان ڪينال ٺاهي پاڻي بند ڪيو پيو وڃي. اسان کي ڌاڙيلن، ڪرپٽ ڪامورن ۽ سياستدانن حوالي ڪيو ويو آهي، ان ڳالهه کي سمجهڻ جي سخت ضرورت آهي. تنهن ڪري سنڌين کي ايندڙ وقت جي خطرن ۽ چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تياري ڪرڻ گهرجي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.