لاهور (م ڊ ) مسلم ليگ نون قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 96 فيصل آباد لاءِ اميدوار جو اعلان ڪري ڇڏيو.قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 96 فيصل آباد ۾ نون ليگ اڳواڻ طلال چوڌري کي پارٽي ٽڪيٽ نه ملي سگهي.پارٽي نوٽيفڪيشن موجب، نون ليگ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 96 لاءِ پي ٽي آءِ جي باغي ميمبر نواب شيرو سير کي ٽڪيٽ جاري ڪئي آهي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اين اي 96 تان نون ليگ اڳواڻ طلال چوڌري نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا جيڪي منظور پڻ ٿي ويا هئا. نون ليگ دانيال عزيز کي به ٽڪيٽ ناهي ڏني جنهن کانپوءِ هن آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪيو آهي.ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ (ن) پارٽي اڳواڻ طلال چوڌري کي سينيٽ جي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ن ليگ ذريعن موجب راڻا ثناءُ الله طلال چوڌري کي پارٽي جي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي صوبائي اسيمبلي جي 2 تڪن تي طلال چوڌري کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته طلال چوڌري جو والد محمد اشرف چوڌري پي پي 101 تان اليڪشن وڙهندو ۽ پي پي 100 تي طلال چوڌري جو نامزد اميدوار خان بهادر ڊوگر اليڪشن ۾ اميدوار هوندو.