اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندڙ بلوچن سان ايڪتا لاءِ لياري ۾ ريلي

ڪراچي( رپورٽر) اسلام آباد ۾  احتجاج ڪندڙ بلوچن سان ايڪتا لاءِ لياري ۾ به احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، پوليس پاران روڪڻ تي ڌرڻو هنيو ويو، لياري ۾ بلوچ يوٿ ڪميٽي پاران لياري ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ سوين عورتن شرڪت ڪئي. اڳواڻن چيو ته بلوچستان ۾ نوجوانن کي حق گهرڻ تي کنڀيو پيو وڃي، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ وري سندن چچريل لاش ملي رهيا آهن. احتجاج ڪندڙن چيو ته ماڻهو کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو نه صرف بلوچستان پر سنڌ ۽ ڪي پي ۾ جاري آهي. بلوچستان جا وسيلا  کنيا پيا وڃن. نوجوان بيروزگار آهن. بالاچ بلوچ کي بي گناهه قتل ڪيو ويو. سنڌ ۾ به نجوان کنڀيا پيا وڃن . پوليس ۽ احتجاج ڪندڙن وچ ۾ چڪريون به ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.