آءِ ايم ايف پاران پاڪستان جي معيشت ۾ مرحليوار بهتري جو اعتراف

اسلام آباد (م ڊ)  آءِ ايم ايف چيو آهي ته هلندڙ مالي سال 24-2023ع ۾ پاڪستان جي جي ڊي پي جي شرح 2 سيڪڙو رهڻ  جو امڪان آهي، هڪ پرائمري سرپلس رڪارڊ ڪيو ويو، ٽيڪس وصولي ۾ واڌ سبب ترقي جي شرح ۾ بهتري آئي پر ملڪ ۾ مهانگائي وڌي رهي آهي. آءِ ايم ايف پنهنجي جائزي واري بيان ۾ چيو آهي ته مناسب سخت مانيٽري پاليسي سان مهانگائي 18.5 سيڪڙو تائين اچي سگهي ٿي، ڊسمبر 2023ع ۾ ڪل ذخيرا وڌي 8.2 ارب ڊالر ٿي ويندا. آءِ ايم ايف چيو آهي ته مٽا سٽا جي شرح مستحڪم رهي آهي، مالي سال 24 ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جي 1.5 سيڪڙو تائين وڌڻ جو امڪان آهي. آءِ ايم ايف معيشت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سفارشون پڻ ڏنيون آهن، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مالياتي فريم ورڪ کي بهتر بڻائڻ لاءِ وسيع بنيادن تي سڌارن جي ضرورت آهي، خاص طور تي نان فائلرز ۽ گهٽ ٽيڪس وارن شعبن مان اضافي روينيو گڏ ڪرڻ، حڪومت کي عوامي مالياتي انتظام کي بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.