ڪراچي (م ڊ) ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪراچي مان قومي اسيمبلي جي اميدوارن جا نالا فائنل ڪري ڇڏيا آهن. جنهن موجب اين اي 229 تي ايم ڪيو ايم جي ڊاڪٽر فوزيه حميد، اين اي 232 تي آسيا اسحاق، اين اي 233 تي جاويد حنيف ۽ اين اي 234 تي عامر پيرزادو اميدوار هوندا. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 235 تان اقبال محسود، اين اي 236 تان حسن صابر، اين اي 237تان رئوف صديقي، اين اي 238 تان صادق افتخار ايم ڪيو ايم جا اميدوار هوندا. اهڙي طرح ارشد وهرا قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 240 تان اميدوار هوندو، ڊاڪٽر فاروق ستار اين اي 241 تي ايم ڪيو ايم جو اميدوار هوندو. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 242 مصطفيٰ ڪمال، اين اي 243 همايون عثمان، اين اي 244 فاروق ستار، اين اي 245 تي حفيظ الدين ايم ڪيو ايم اميدوار آهن. قومي اسيمبلي جي تڪ امين الحق اين اي 246 تان اميدوار هوندو، اين اي 247 مصطفيٰ ڪمال، اين اي 248 خالد مقبول صديقي، اين اي 249 احمد سليم صديقي ۽ اين اي 250 تي فرحان چشتي ايم ڪيو ايم جا اميدوار هوندا.