ٿورو وقت اڳ ته پرائمري اسڪول جي تعليم جو بنيادي مقصد ئي بس اهو هوندو هو ته پنجين ڪلاس تائين ٻار کي سنڌي لکڻ پڙهڻ اچي ۽ ٿورو گهڻو رياضي ۽ ڌرم جي بنيادي ڄاڻ هجي. پر جيئن ته دنيا تمام تيزي سان ترقي علم ۾ اچي رهي آھي جنهن جا مثبت ۽ منفي اثر اسان جي ملڪ تي به پئجي رهيا آھن. اسان جا اسڪول ڊجيٽلائيز ته ڪونه ٿيا آھن پر اڳ کان ڪجھه بهتر ٿيو آھي جو هاڻي پرائمري اسڪولن ۾ به تقريبن اٺ مضمون شامل ڪيا ويا آھن جنهن جا پڻ فائدا به آھن ته نقصان به جيڪو هڪ الڳ بحث آھي.
اها دعويٰ ڪري سگهجي ٿي ته سنڌي ٻولي کي زنده رکڻ ۾ جيترو ڪم سنڌ جا پرائمري اسڪول ڪري رهيا آھن ان جي ڀيٽ ۾ ٻيو ڪو به ادارو نه ڪري رهيو آھي. اهي پرائمري اسڪول ئي آھن جتي اسان ۽ توهان سنڌي پڙھڻ ۽ لکڻ سکي ورتي آهي
اندازو لڳايو، جيڪڏهن پرائمري اسڪولن مان سنڌي ٻولي کي ختم ڪيو وڃي ته ايندڙ ويهارو کن سالن ۾ اسان جي ايندڙ نسل جي سنڌي ٻولي لکڻ پڙھڻ ۽ ڳالهائڻ جي ڇا صورتحال هوندي؟ (هتي ان ڳالهھ جو ذڪر ڪرڻ ضروري آھي ته سنڌ جا ڪافي اهڙا پرائيويٽ اسڪول آھن جتي سنڌي بلڪل به نه ٿي پڙھائي وڃي ۽ ڪجھه شاگردن کان سوال جي جواب ۾ اهو به معلوم ڪيو ويو ته اهڙن اسڪولن ۾ سنڌي لفظ ڳالهائڻ تي شاگردن تي ڏنڊ لڳايو وڃي ٿو. پوءِ نتيجي طور اهڙن اسڪولن مان ميٽرڪ پاس ڪري ايندڙ شاگردن کي سنڌي لکڻ پڙھڻ بلڪل به ڪون ٿي اچي.
ڪجھه اسڪولن ۾ ٿي سگهي ٿو ته ڪم ٿي به رهيو هجي پر پاڻ گذريل پندرهن سالن کان اهو ڏٺو آھي ته پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙھندڙ ٻارن کي ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ به سنڌي لکڻ پڙھڻ ڪونه ٿي اچي( جنهن جو مثال مٿي ذڪر ٿي چڪو آھي).ان تي والدين کي ٿورو سوچڻ گهرجي.
ان کانپوءِ اچو هاءِ اسڪولن ۾ ته اتي سنڌي ٻولي تي ايترو ڪو خاص ڪم ڪونه ٿي رهيو آھي بس شاگردن کي ڪنهن ٿوري گهڻي ڪم کان علاوه بس فيئر ڪاپيون ٺھرايون وينديون آھي ۽ امتحانن ۾ جيڪو ڪجھه ٿيندو آھي ان کان اسين سڀ بخوبي واقف آھيون.ان کان اڳتي ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ به بس نالي ماتر ڪم پيو هلي. مٿي ذڪر ڪيل سنڌ جي ٻن معتبر ڪوٺيل ادارن ۾ به سنڌي جي سيکارڻ وارو ڪم نه برابر آھي بس انهن جو ڪم اشاعت تائين محدود آھي جنهن جي پنهنجي جاءِ تي به اهميت آھي.
اهي سڀئي ادارا پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ان درجي موجب ۽ حال آھر ڪم ڪري رهيا آھن پر ڳالهھ آھي سنڌي ٻولي جي سکڻ ۽ سيکارڻ جي . ان اداري جي جيڪا هر ايندڙ نئين نسل ۾ سنڌي ٻولي جي سکڻ ۽ سيکارڻ جو تاج پنهنجي مٿي تي کنيو هجي. سو آهي سنڌ جو پرائمري اسڪول ۽ پرائمري استاد. جنهن کي اسان جي معاشري ۾ ڪا خاص اهميت ناهي ڏني ويندي.اهي پرائمري اسڪول ئي آھن جتان اسان جا وڏڙا به سنڌي لکڻ پڙھڻ سکيا، اسان به اتان پنهنجي ٻولي کي سکي ۽ ھينئن سان هنڊايوسين ۽ هن وقت سنڌ جو مسقبل، سنڌ جو نئون نسل پنهنجي سنڌي ٻولي انهن ئي پرائمري اسڪولن مان سکي رهيو آھي.
پر پرائويٽ اسڪولن جو جيڪو ڄار وڇايو ويو آھي ۽ والدين به هروڀرو بس ڏيکاءُ جي پٺيان ڊوڙي رهيا آھن ۽ پرائمري اسڪولن جي بجاءِ هو پرائيويٽ اسڪولن کي ترجيع ڏئي رهيا آھن جيڪا صورتحال مجموعي طور تي مايوس ڪندڙ آھي. اڄ کان تقريبن 25 سال اڳ جڏهن پاڻ پرائمري اسڪول ۾ پڙھندا هئاسين ته اهڙي صورتحال نه هئي جهڙي اڄ آھي. اهڙي مايوس ڪندڙ صورتحال تي سنڌ جي سڄاڻ ڌرين کي ان تي ضرور سوچڻ گهرجي ۽
سنڌ حڪومت سول سوسائٽي، سنڌ جا اديب، شاعر، ۽ ٻيا مَڙئي شعور وند سنڌي جيڪي سنڌي ٻولي جي وجود کي برقرار رکڻ چاهن ٿا انهن کي پرائمري اسڪولن ۽ پرائمري جي استادن تي ڀروسو ڪرڻ گهرجي ۽ انهن جي اهميت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مجموئي طور تي ڪوششون وٺڻ گهرجن ڇو ته اهي اسان جا پرائمري اسڪول ۽ انهن ۾ پڙھائيندڙ استاد ئي آھن جيڪي سنڌي ٻولي کي زنده رکيو اچن ٿا ۽ پنهنجي وس آھر سنڌ جي هر ايندڙ نئين نسل کي سنڌي ٻولي کان روشناس ڪن ٿا جيڪي اڳتي هلي ڪي اديب ڪي شاعر ته وري ڪي محقق ٿي سنڌي ٻولي جي ترقي لاءِ ڪم ڪن ٿا.
مجموعي طور تي اهو چئي سگهجي ٿو ته پرائمري اسڪولن ۾ ٻج جو ڪم ڪري رهيا آھن جيڪو زمين ۾ ڇٽيو وڃي ٿو. ان کان بعد ان جي اسرڻ ۾ ٻين ادارن ۽ سنڌ جي هڏڏوکي شخصيتن جو ڪردار اچي وڃي ٿو. جيڪي ڏينھن رات ڪوششون وٺي ان کي ڦل دار بڻائيندا رهن ٿا