ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ ۾ رولو ڪتن جي واڌ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، درخواستگذار وڪيل طارق منصور ڪتن جي ڏاڙهڻ بابت رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. 2022ع جي 10 مھينن ۾ 2 لک ڪتن جي ڏاڙهڻ جا ڪيس رپورٽ ٿيا، رڳو ڪراچي ۾ 26 هزار شهرين کي ڪتن ڏاڙهي ڇڏيو هو، درخواستگذارچيو ته سول اسپتال ڪراچي ۾ هر روز ڪتن جا ڏاڙهيل 150 ماڻهو اچن ٿا، طارق منصور ايڊووڪيٽ چيو ته ڪتن جي نسل جي روڪٿام لاءِ ٺاهيل قانونن تي عمل ناهي ڪيو ويو. عدالت جي حڪم تي 34 سرڪاري اسپتالن ۾ ويڪسين فراهم ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، درخواستگذارجوچوڻ آهي ته صوبي جي اسپتالن ۾ اڄ به اينٽي ريبيز ويڪسين موجود ناهي، شهر جا روڊ رستا ڪتن سان ڀريا پيا آهن، هن چيو ته ڪو به روڪٿام ڪرڻ وارو ڪونهي.عدالت درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڌرين کي حاضري يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي .