بلاول کي موقعو ڏيو ته توهان جي حقن لاءِ وڙهي سگهون: آصفه ڀٽو

سانگهڙ (م ڊ ) شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڀيڻ آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته بلاول کي موقعو ڏنو ته توهان ۽ توهان جي حقن لاءِ  وڙهي سگهون. سانگهڙ ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته بلاول ڀٽو جو منشور ملڪ جي هر فرد لاءِ آهي، ان جو ساٿ ڏيو. هن چيو ته منهنجو نانو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به هتي آيو هو، مان به اڄ پنهنجي ڀائرن، بزرگن جي وچ ۾ آهيان، توهان جون محبتون ياد رهنديون. سندس چوڻ هو ته سڄي ضلعي ۾ پ پ اميدوارن کي اڪثريت سان ڪامياب ڪرايو.هوڏانهن پ پ اڳواڻ شازيه عطا مري جي اڳواڻي ۾ ٻيراڻي کان سانگهڙ تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود هو.ٻئي پاسي آصفه ڀٽو زرداري اليڪشن مهم جي سلسلي ۾ راول ھائوس راھوڪي حيدرآباد پهتي، جتي هن اطلاعات کاتي جي اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي پٽ پ پ اڳواڻ راول شرجيل انعام ميمڻ ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. راهوڪي پهچڻ ڪارڪنن گلن جي ورکا ڪري سندس آجيان ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.