8 اسنارڪل 6 ميونسپل ڪارپوريشنن حوالي

ڪراچي (رپورٽر): سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ڪراچي، حيدرآباد، سکر، نوابشاهه، ميرپورخاص ۽ لاڙڪاڻي جي ميونسپل  ڪارپوريشنن کي 1.35 ارب رپين جي ماليت جون 8 اسنارڪلز حوالي ڪري ڇڏيون. اسنارڪلن جي ورڇ واري تقريب خميس تي شاهراه فيصل تي واٽر بورڊ آفيس ۾ مڪاني کاتن جي صوبائي وزير مبين جماڻي منعقد ڪئي. تقريب ۾ اطلاعات واري صوبائي وزير احمد شاهه، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب، سيڪريٽري بلديات منظور شيخ، حيدرآباد جو ميئر ڪاشف شورو، سي اي او واٽر بورڊ صلاح الدين، سي او او واٽر بورڊ اسد الله خان ۽ ٻين آفيسرن ۽ ميئرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير ڪي ايم سي کي 3 ۽ حيدرآباد، نوابشاهه، ميرپورخاص، سکر ۽ لاڙڪاڻي کي هڪ هڪ اسنارڪل حوالي ڪيون. تقريب دوران وڏي وزير پنهنجي خطاب ۾ ڪراچي ۾ بلند عمارتن جي سنگين مسئلي کي اجاڳر ڪيو. هن نشاندهي ڪئي ته انهن عمارتن مان ڪيترين ئي عمارتن ۾ باهه وسائڻ جو مناسب نظام، سامان ۽ ايتري تائين جو مٿين منزلن تائين رسائي به ناهي. باهه لڳڻ جي صورت ۾ مٿئين منزلن تي رهندڙن جي ڦاسجڻ جو وڏو خطرو آهي جنهن سبب جاني ۽ مالي نقصان جو خدشو آهي. جسٽس باقر چيو ته ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت عمارتن جي فائر سيفٽي آڊٽ جو حڪم ڏئي چڪي آهي جنهن جو مقصد عمارتن ۾ موجود خامين جي نشاندهي ڪري ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته بلڊرز انهن کي درست ڪن ته جيئن رهاڪن ۽ آبادين جي حفاظت کي يقيني بڻائي سگهجي. وڏي وزير چيو ته انڊونيشيا مان درآمد ڪيل اسنارڪل جديد فائر فائٽنگ مشينون آهن. ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ گهربل فائر مشينن جي گهربل تعداد نه هجڻ جي باوجود، اسنارڪلز وڌيڪ موثر فائر ڊپارٽمينٽس ٺاهڻ ڏانهن هڪ قدم آهن جيڪي باهه جي واقعن کي منهن ڏيڻ ۽ شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ چڱي طرح واقف آهن. ان موقعي تي مڪاني ادارن واري وزير مبين جماڻي سمورن مڪاني ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجي عوام جي تحفظ لاءِ فائر فائٽنگ سسٽم تيار ڪن ۽ فائر فائٽنگ سسٽم آخرڪار ريسڪيو 1122 جو حصو بڻجي ويندو. اسنارڪلز ڏيڻ کانپوءِ وڏي وزير واٽر بورڊ جي ڪنٽرول روم جو دورو ڪيو جتان شهر ۾ ڪم ڪندڙ واٽر بورڊ جي 7 هائيڊرنٽس جي نگراني ڪئي پئي وڃي. دوري دوران وڏي وزير واٽر بورڊ کي حڪم ڏنو ته واٽر ٽينڪرن جا اگهه مقرر ڪيا وڃن ڇوته واٽر بورڊ پاران مقرر ڪيل اگهن کان وڌيڪ قيمتون اوڳاڙڻ جون خبرون آيون آهن. جسٽس باقر چيو ته هائيڊرنٽس لڳائڻ يا هلائڻ جو مقصد پاڻي جي کوٽ وارن علائقن ۾ پاڻي پهچائڻ هو پر خانگي ٽينڪر مافيا ان کي پئسا ڪمائڻ جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي.  هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هن عمل کي روڪڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.