تحريڪ انصاف جي مقبوليت برقرار، نواز ليگ جو ٻيو نمبر:گيلپ سروي

اسلام آباد(م ڊ) گيلپ پاڪستان سروي مطابق عام چونڊن کان هڪ مهينو اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف جي مقبوليت ۾ نمايان  گهٽتائي جڏهن ته مسلم ليگ نواز جي مقبوليت ۾ وڏو اضافو ٿيو آهي،سروي مطابق پنجاب ۾ پي ٽي آءِ ۽ نواز ليگ وچ ۾ سخت مقابلي جو امڪان آهي، سروي ۾ ووٽرن ٻنهي پارٽين کي ترتيبوار 34 ۽ 32 سيڪڙو تائين ووٽ ڏنا آهن،پي ٽي آءِ اتر پنجاب ۾ ن ليگ کان وڏي مارجن سان اڳتي نظر اچي رهي آهي پر اولهندي ۽ وچ پنجاب ۾ ان جو مقابلو سخت آهي،ڏکڻ پنجاب ۾ نواز ليگ کي سرسي حاصل آهي، پ پ کي به هتي معقول حمايت حاصل آهي، سروي مطابق سنڌ ۾ پ پ سڀ کان وڏي سياسي جماعت آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ ٻي وڏي پارٽي آهي،ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ سڀني کان اڳتي آهي،45 سيڪڙو راءِ ڏيندڙن جو چوڻ آهي ته اها پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏيڻ چاهين ٿا، اڳواڻن جي مقبوليت ۾ عمران خان قومي سطح تي نوازشريف کان گهڻو پوئتي آهي، پنجاب ۾ نوازشريف عمران خان کان اڳتي آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.