سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾12 لک 80 هزار شاگرد فرنيچر جي سهولت کان محروم

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس صلاح الدين پنھور تي ٻڌل سنگل بئنچ سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي جڊيشل مئجسٽريٽ عمرڪوٽ ۽  سيڪريٽري تعليم رپورٽ پيش ڪئي، رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آھي تھ سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ 12 لک 80 هزار شاگرد زمين تي ويهي تعليم پرائين ٿا، تعليم واري سيڪريٽري ٻڌايو ته ڪيترائي اسڪول آهن جتي شاگردن لاءِ فرنيچر به موجود ناهي، 4 لک مان 2 لک 80 هزار شاگردن وٽ ويهڻ لاءِ فرنيچر آهي، ان موقعي تي جسٽس صلاح الدين پنھور حڪم ڏنو ته سمورن شاگردن لاءِ 2 مهينن ۾ فرنيچر خريد ڪيو وڃي، 21هين صدي ۾ اسان جا ٻار زمين تي ويهي تعليم ڇو حاصل ڪري رهيا آهن، هر سال بجيٽ ۾ ڪروڙين ۽ اربين رپيا مختص ڪيا ويندا آهن، پر 12 لک شاگردن لاءِ فرنيچر موجود ناهي، جڊيشل مئجسٽريٽ رپورٽ پيش ڪندي چيو تھ عمرڪوٽ ضلعي ۾ 2400 غير معياري ڊيسڪ فراهم ڪيا ويا، سڀئي ميزون بنا پالش جي تيار ڪيون ويون، ان موقعي تي  ٺيڪيدار عدالت کي يقين ڏياريو ته ٻن مهينن ۾ سموريون ڊيسڪون تبديل ڪيون وينديون، عدالت ڪانٽريڪٽر کي ٻن مهينن ۾ وڌيڪ 9 هزار 4 ڊيسڪ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٺيڪيدار کي معياري مشينري ڊيسڪ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو تھ فرنيچر جي جاچ لاءِ سيڪريٽري تعليم ڪميٽي جوڙي، انسپيڪشن بعد ئي اسڪولن کي فرنيچر فراهم ڪيو وڃي، ٺيڪيدار کي ڊيوز، ڪورٽ جي جائزي کان اڳ رقم ادا نه ڪئي وڃي، عدالت سرڪاري اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ بابت سنڌ جي وڏي وزير کي آگاهه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، درخواستگذار جو چوڻ ھو ته ٺيڪيدار وٽ پنهنجو ڪارخانو ناهي ۽ هو مارڪيٽ مان خريد ڪري فرنيچر فراهم ڪري ٿو.دادو، ٽنڊي الهيار، بدين ۾ 18 سئو غير معياري ڊيسڪون پڻ فراهم ڪيون ويون آهن، عدالت رپورٽ طلب ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي 13 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.