جسٽس اعجاز الاحسن ۽ مظاهر اڪبر نقوي بنديال جا ويجها ساٿي

اسلام آباد(م ڊ) جسٽس اعجاز الاحسن 1960ع ۾ مري ۾ پيدا ٿيو ۽ 1979ع ۾ ميرٽ اسڪالر شپ تي فارمن ڪرسچن ڪاليج لاهور /مان گريجوئيشن ڪئي،هن پنجاب يونيورسٽي لا ڪاليج ۾ داخلا ورتي جتي کيس گولڊ ميڊل سميت ڪيترائي ايوارڊ ڏنا ويا، ايل ايل بي ڪرڻ کان پوءِ هن آمريڪا جي ڪارنيل يونيورسٽي مان پوسٽ گريجوئيٽ جي تعليم حاصل ڪرڻ دوران قانون جي تعليم حاصل ڪئي،2009ع ۾ کيس لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جج طور مقرر ڪيو ويو، جسٽس اعجاز الحسن 2015 ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻيو ۽ 2016 ۾ سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو،جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مظاهر اڪبر نقوي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ اڳوڻي سي سي پي او لاهور غلام محمود ڊوگر جي بدلي واري ڪيس ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊيل حڪومتون ختم ٿيڻ کانپوءِ مقرر 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، ان تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ لاءِ ان وقت جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال کي خط لکيو ويو،جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مظاهر اڪبر نقوي به ان 5 رڪني بينچ جو حصو هئا جنهن فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل کي غير آئيني قرار ڏنو هو،جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مظاهر اڪبر نقوي انهن پنجن اقليتي ججن ۾ شامل هئا جن پارليامينٽ طرفان پاس ڪيل پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف فيصلو ڏنو، کيس احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف خلاف پاناما ڪيس ۾ مانيٽرنگ جج مقرر ڪيو ويو هو،ٻئي جج اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جا ويجها ساٿي سمجهيا ويندا هئا، جسٽس اعجاز الاحسن اڪثر ڪري اڳوڻي چيف جسٽس پاران ٺاهيل سمورن بينچن ۾ شامل هوندو هو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.