ڪشمور ۾ بدامني کي ٻنجو نه آيو، هٿياربند ٽن ڄڻن اغوا ڪري ويا، 2 زخمي

ڪشمور(ن ع آ)ڪشمور ويجهو ملڪ لاڙي واري علائقي ۾ ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڏوهاري مسافر گاڏين مٿان فائرنگ ڪندي ٽن مسافرن کي اغوا ڪري ويا، جڏهن ته  محمد راشد ۽ دانش  راجپوت زخمي ٿي پيا. زخمين کي  ڪشمور سول اسپتال ۾ طبعي امداد فراهم ڪئي وئي، ڏوهارين جي فائرنگ ۾ ڪيترن ئي گاڏين جا ٽائر برسٽ ٿي ويا. ڪشمور پوليس موجب زخمي ٿيل گاڏين جي ڊرائيورن جو چوڻ آهي ته اسان جا 3 ڄڻا گم آهن جن کي اغوا ڪيو ويو آهي جن ۾ ميانوالي واسي صھيب، خرم شھزاد ۽ سرفراز شامل آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته وڌيڪ سرچ آپريشن ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.