ٽڪيٽ تي ڪاوڙيل ناهيان، افواهن ۾ ڪا به صداقت ناهي: نواب وساڻ

خيرپور ( رپورٽ: شاهد نواز سيال ) پيپلز پارٽي جي اڳوڻي صوبائي صلاحڪار نواب وساڻ چيو آهي ته پيپلز پارٽي پاران خيرپور ضلعي ۾  ڪيٽن جي ورڇ واري فيصلي کانپوءِ منهنجي خلاف حقيقتن جي ابتڙ افواهه پکيڙيا پيا وڃن، جن ۾ ڪا به صداقت ناهي، ميڊيا ذريعي عوام کي ٻڌيان ٿو ته پارٽي قيادت جو فيصلو قبول آهي. خيرپور جي وساڻ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نواب وساڻ چيو ته  خيرپور جي عوام جي محبتن ۽ احساسن جو قدر آهي، عوام سان گڏ آهيان ۽ گڏ رهندس. نواب وساڻ چيو ته بلاول ڀٽو کي وزير اعظم بڻائڻ خواب آهي، جنهن لاءِ ايندڙ عام چونڊن ۾ خيرپور، سنڌ ۽ پاڪستان جي عوام سان گڏجي پنهنجي جاکوڙ ڪندس، نواب وساڻ وڌيڪ چيو ته آصف زرداري ملڪ جو نامور سياستدان آهي، جنهن کي مخالف به مڃڻ تي مجبور آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.