گوادر مان 13 سالن جو بالاچ بلوچ کنڀي گم

گوادر(م ڊ)بلوچ اڳواڻ سمي دين بلوچ ٽوئيٽر تي لکيو آهي ته  گذريل رات گوادر مان 13 ورهين جو نوجوان بالاچ بلوچ جبري گم ٿيڻ بعد گم  ٿي ويو.کنڀيل ماڻهو ظاهر ڪرڻ بدران، گم ٿيل ماڻهن جي لسٽ ۾ وڌيڪ نالا شامل ڪيا پيا وڃن، مان پڇان ٿي ته هن رياست کي تيرهن سالن جي ٻار کان ڪهڙو خطرو آهي؟ جنهن کي پوليس حوالي ڪرڻ بدران گرفتاري بعد جبري گم ڪرڻ جي نوبت پيش اچي وئي ۽ اهو سڀ ڪجهه ڪهڙي قانون ۽ آئين تحت ٿي رهيو آهي؟جڏهن ته ماه رنگ بلوچ چيو ته شهيد بالاچ مولابخش جي قاتلن کي اڃا قانون کي منهن ڏيڻو آهي پر ان دوران هڪ ٻيو بالاچ کنڀي گم ڪيو ويو آهي،هن ڀيري جبري گمشدگي گوادر مان ٿي آهي،اسان کي هن جي حياتي جي حوالي سان گهڻي ڳڻتي آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.