تعليمي نظام جا مسئلا ۽ ڪجهه تجويزون

تحرير: عبدالباسط پارس قريشي

پاڪستان ۾ تعليمي نظام ڪافي عرصي کان بحث ۽ تشويش جو موضوع رھيو آھي، جڏھن ته ملڪ تعليم تائين پھچ کي وڌائڻ ۾ ڪجهھ ترڪي ڪئي آھي پر اڃان ترقي جي پيش قدمي ۾ ھڪ وڏو خال آھي پوءِ اھو خال شايد ناڪافي فنڊنگ جو آھي يا فنڊنگ ھئڻ باوجود مس مينيجمينٽ جو شڪار آھي، جڏھن ته پاڪستان جو آئين خاص طور تي آرٽيڪل A-25 چوي ٿو ته رياست پنجن کان سورھن سالن جي عمر جي سڀني ٻارن کي مفت ۽ معياري تعليم مُهيا ڪندي.

ان آئين کي نظر ۾ رکي سوچ ڪجي ته ڇا ھن آرٽيڪل A-25 تي عملدرآمد آھي؟ آءُ ته چوندس شايد سفارشي عملدرآمد آھي ڇو ته سنڌ جي اسڪولن ۾ ڪتابن جي فراهمي نه ھئڻ جي برابر رھي، جھڙوڪ:- منھنجي پنھنجي شھر ٺل ضلعي جيڪب آباد ۾ 60000 ڪتابن جي گھرج هئي پرائمري ليول تي جڏھن ته تعليم کاتي پڻ اھو ئي چيو ھو ته پوري سنڌ ۾ پوري ڪتابن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي پر ٺل شھر کي صرف 4000 ڪتاب ڏنا ويا ٻڌڻ ۾ اھو ئي پئي آيو ته پوءِ سموري سنڌ ۾ ساڳيو حال ھوندو، ٻڌايو ته جڏھن تعليم جو بنيادي جزو نصاب آھي ۽ سو به فراهم نه ٿي ته ڪھڙي بھتري چئي سگھجي ٿي.

سڀ کان وڌيڪ تعليمي شرح اسلام آباد جي آھي جيڪا 96 سيڪڙو آھي، ھاڻي سنڌ گورنمينٽ جو نئين ڀرتين جو قدم ساراھ جوڳو آھي نوان استاد پڻ پنھنجو فرض بخوبي ادا ڪري رھيا آھن اسان کي نون ذھنن جي پڻ ضرورت ھئي، ايئن به نه ٿا چئون ته پراڻن سينيئر استادن جي محنت گھٽ ھئي انھن جي ڪم پڻ نمايان  ۽ ساراھ جوڳو آھي پر ھاڻي نئين دور جي ماڊرن تعليمي فراھمي جي ضرورت آھي جيڪو نئون نسل ئي فراھم ڪري سگھي ٿو پر انھن نون استادن کي پنھنجي ڪمن ۾ ڪيتريون ئي دشواريون درپيش آهن. جھڙوڪ ؛ ناڪافي انفراسٽرڪچر پاڪستان جي تعليمي نظام کي درپيش بنيادي مسئلن مان ھي ھڪ وڏو مسئلو آھي.

پاڪستان جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ بنيادي ڍانچي جي کوٽ آھي، جيئن مناسب ڪلاس روم، صفائي سٿرائي جون سهولتون ۽ محفوظ ماحول. اھو شاگردن لاءِ موئثر طريقي سان سکڻ ۾ مشڪل بڻائي ٿو ۽ والدين لاءِ پنھنجي ٻارن کي اسڪول موڪلڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿو، ان کان وڌيڪ ٻيا مسئلا به آھن جيئن تعليم جو معيار، صنفي تفاوت، اسڪول کان ٻاھر ٻار، ووڪيشنل ٽريننگ جو فقدان پڻ اچي وڄي ٿا. اھي مسئلا حل ٿيڻ کپن پر ان ۾ وڏو وقت لڳي ويندو، وزارت تعليم فيصلو ڪيو آھي ته بند اسڪول کولرايا ويندا پر شايد انھن کي قبضي ھيٺ آيل اسڪول نظر ڪونه ٿا اچن ڇو ته ڪجهھ اسڪول مڪمل قبضي ۾ آھن ته ڪجھه اڌ، جڏھن ته استادن جي ٿيل استادي ٽريننگ ۾ ڪلاس روم مينيجمينٽ اھم ٽاپڪ ھوندو آھي ٻدايو ڀلا استاد ان صورتحال ۾ ڪيئن مينيج ڪندا جتي پھرين کان پنجين ڪلاس تائين جا ٻار ھڪ ئي ڪلاس ۾ ويھن، اسڪول کولڻ سٺي سوچ آھي پر قبضو ڇڏائي انھن اسڪولن ۾ ڀرتي وڌائي وڃي، ڇا ايئن بھتر نه آھي؟

تعليمي نظام کي خطرناڪ صورتحال مان ڪڌڻ لاءِ تعليم کاتي کي ھيٺين شين تي ڌيان ڏيڻ گھرجي جنھن سان گھڻيون بھتريون اچي سگھن ٿيون.

  1. تعليم لاءِ سيڙپڪاري جي واڌ،
  2. نصابي سڌارو؛ نصاب جو جائزو وٺڻ ۽ ان کي ايڊيٽ ڪرڻ لاءِ جديد تدريس جا طريقا شامل ڪرڻ، تنقيدي سوچ تي زور ڏيڻ.
  3. استادن جي تربيت؛ ماڊرن دور جي حصاب سان ٽريننگ.
  4. ڪميونٽي جي شموليت،
  5. جنسي برابري: تعليم ۾ جنسي برابري کي هٿي ڏيڻ ۽ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ محفوظ ۽ مددگار ماحول پيدا ڪرڻ،
  6. ووڪيشنل ايجوڪيشن،

جيڪڏهن انھن ڳالھين تي عمل ڪيو وڃي ته پاڪستان جي تعليم خاص ڪري سنڌ جي تعليم سڀين چئلينجن کان نڪري سگھي ٿي، گڏيل ڪوششن ۽ سڌاري سان ئي بھتري اچي سگھي ٿي.

سنڌ گورنمينٽ جو نئين ڀرتين جو قدم ساراھ جوڳو آھي نوان استاد پڻ پنھنجو فرض بخوبي ادا ڪري رھيا آھن اسان کي نون ذھنن جي پڻ ضرورت ھئي، ايئن به نه ٿا چئون ته سينيئر استادن جي محنت گھٽ ھئي انھن جي ڪم پڻ نمايان  ۽ ساراھ جوڳو آھي پر ھاڻي نئين دور جي ماڊرن تعليمي فراھمي جي ضرورت آھي جيڪو نئون نسل ئي فراھم ڪري سگھي ٿو پر انھن نون استادن کي پنھنجي ڪمن ۾ ڪيتريون ئي دشواريون درپيش آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.