مشڪور ڦلڪاري جي ڪتاب ” سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر “ جو مختصر اڀياس

تحرير: امين جويو

مشڪور ڦلڪاري جو هي ڪتاب سال ، 2019ع ۾ ” ريڊيو وائيس آف لنڊن “ وارن ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جومهاڳ استاد لغاري لکيو آهي ، جنهن ۾ هو ڪتاب جي ليکڪ ۽ ڪتاب ۾ شامل مواد تي ڳالهائيندي لکن ٿا ته ؛ ” هي ڪتاب لکڻ لاءِ ليکڪ جيڪا جاکوڙ جي لائق آهي، اها وڏي قدر ، تحقيقي عمل ڪرڻ لاءِ انهن ماڳن مڪانن تي زميني صورتحال جو جائزو وٺڻ ، ڏسڻ ، پرکڻ ۽ جانچڻ لاءِ اتي روبرو پهچڻو پوندو آهي ۽ فاضل محقق لڳاتار ڪيترائي ڏينهن سرزمين جو جائزو وٺڻ ، اتان جي ماڻهن سان ملڻ ۽ اتان جا وَکر ۽ وَٿاڻ جانچڻ کان پوءِ هي ڪتاب لکيو آهي ، جيڪو هن علائقي جي طِبعي ، تهذيبي ۽ تاريخي قدامت کي سمجهڻ جي لاءِ سَنگ ميل ثابت ٿيندو ۽ سنڌ ، پاڪستان توڙي دنيا جي سطح تي وڏي مڃتا ماڻيندو“

ان کان سواءِ ؛ سرويچ حيدر اوٺي ، ڊاڪٽر هدايت ڀٽي ، سيد سرور شاهه ، اشتياق انصاري ، منظور احمد ڪناسري ۽ سانوڻ راڄڙ به هن ڪتاب بابت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي ۽ سڀني ليکڪ جي هن ڪاوش کي ساراهيو آهي ۽ سندس تحقيق جي طريقيڪار جي واکاڻ ڪئي آهي.

ليکڪ پنهنجي هن ڪتاب جي ارپنا هنن لفظن سان ڪئي آهي ته ؛ ” شهيد صبغت الله شاهه ، سورهيه بادشاهه ۽ سنڌ جي آزادي لاءِ حُر جدوجهد جي انهن شهيدن ۽ غازين جي نالي ؛ جن ساهه ڏيئي ويساهه قائم ڪيو“

منهنجي اڀياس مطابق هي ڪتاب تمام گهڻو وسيع آهي ۽ هن ۾ ڪارآمد ڄاڻ ڏنل آهي. هي پستڪ ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي . ليکڪ پهرئين ڀاڱي ۾ حقيقي تواريخ جا پيرا کڻڻ لاءِ سروي، آرڪيالاجي ، جيولوجي ۽ جيو گرافي جي اهميت کي بيان ڪيو آهي ، ان سان گڏ هن حصي ۾ ڪارونجهر جبل، هماليا جبل، قديم درياهي وهڪرن ، سرسوتي ندي ۽ ان سان لاڳاپيل تهذيبن، جين ازم، ٻڌ ازم، شِو مها ديو، سنڌ ۾ سرسوتي تهذيب سان لاڳاپيل قديم ماڳن مڪانن ، سرسوتي تهذيب جي اجڙڻ ۽ ڏڪارن جي سبب، اڇڙي ٿر جي مختلف دورن ۽ انهن دورن ۾ ٿيل تواريخي واقعن ، سنڌ جي راشدي پاڳارا خاندان ، اڇڙي ٿر ۾ ٿيل حُر گوريلا تحريڪ ، شهيد الهه بخش سومري جي ٿيل قتل ، حُر ويڙهاڪن جي مزاج ۽ سندن ڪاررواين، حُر گوريلا جنگ جي شهيدن ، حُر گوريلا جنگ جي غازين ، حُر گوريلا جنگ جي نتيجن ، حُر جدوجهد جي ماحولياتي ، سماجي ۽ اقتصادي اثرن تي تفصيلي انداز سان مختلف تواريخي ڪتابن جا حوالا ڏيڻ ۽ سرزمين تي وڃڻ کان پوءِ پيرائتي ۽ دلچسپ نموني سان لکيو آهي.

جڏهن ته هن ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي جو عنوان ؛ ” اڇڙو ٿر“ آهي ؛ جنهن ۾ ليکڪ اڇڙي جي نالي اڇڙي ٿر جي طبعي بيهڪ ، اقتصادي حالتن ، پاڻي جي کوهن ، ڍنڍن ، ٻيلن ، جانورن ، جيتن ، بلائن ، پکين ، وڻن ، ٻوٽن ، نخلستانن ، ڏُٿ ، گيس فيلڊن ، چوٽياريون ڊيم ، گهرو هنر ، رڱاوت جي ڪم ، پاکڙا ٺاهڻ جي هنر ، هٿيارن جي صنعت ، اڇڙي ٿر جي عجائبات ،  ڍاڻين ، لباسَ ، عِلمي مرڪزن ، جامع الراشديه ، پير جي ڳوٺ ، چوٽيارين واري مدرسي ، درسگاهه سريواري ، کنڀري جي درسگاهه ، رتي ڪوٽ واري مدرسي ، پڙائي شريف واري مدرسي ، تڙ پسايو درسگاهه ، ڍليار واري مدرسي ، هاءِ اسڪول ڀِٽ ڀائٽي ۽ مدرسي ، اڇڙي ٿر جي رهڻي ڪهڻي ، اڇڙي ٿر جي سوڍن ، ڀيل قبيلن ، ٻولين ، راندين ، ماڻهن جي سماجي حالتن ، ڏڪار ، غربت ۽ ان جي سببن تي لکيو آهي.

ان کان پوءِ ليکڪ هن ڪتاب جو وچور ڪڍندي ؛  اڇڙي ٿر جي ترقي لاءِ ڪجهه سفارشون ۽ صلاحون پيش ڪيون آهن ، جيڪڏهن سنڌ سرڪار انهن تي عمل ڪري ته اڇڙي ٿر جهڙو پُٺ تي پيل عِلائقو به خوشحال ۽ پاڻ ڀَرو ٿي سگهي ٿو.

هن ڪتاب جي ليکڪ آخر ۾ انهن ساٿين ۽ دوستن جا نالا ڏنا آهن ، جن هن سموري تحقيقي سفر ۾ سندس مدد ڪئي . ان سان گڏ هن انهن ماڻهن جا نالا پڻ ڏنا آهن ، جن کان هن موبائيل فون ذريعي يا روبرو معلومات حاصل ڪئي آهي. سندس وَڏ ماڻهپَي جو اندازو انهيءَ ڳالهه منجهان بَخوبي لڳائي سگهجي ٿو ته هو هر هنڌ پنهنجو پاڻ کي سامهون رکي نه ٿو ڳالهائي ! پر هو بار بار انهن سڀني ڪتابن يا ماڻهن جا حوالا ڏئي ٿو ، جن سندس ٿوري يا گهڻي مدد ڪئي آهي.

ليکڪ هي ڪتاب سَرجڻ لاءِ اوڻويهه عدد انگريزي ، پنج عدد اردو ۽ چوهٺ عدد سنڌي ڪتابن جو سهارو ورتو آهي ، پر سائين جن ڪٿي به ڪنهن ڪتاب جو پيج نمبر نه ڏنو آهي! جيڪا ڳالهه هن جديد دور ۾ تحقيق جي شاگردن لاءِ بي حد ضروري آهي ۽ اڪيڊمڪ طور به اها شي گهربل هوندي آهي.

بهرحال چار سئو صفحن تي مشتمل هي ڪتاب اڇڙي ٿر ۽ سرسوتي تهذيب جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ڪار آمد ۽ تفصيلي دستاويز آهي ، جنهن کي پڙهڻ سان پڙهندڙ گهر ويٺي ئي مٿي بيان ڪيل موضوعن بابت معلومات حاصل ڪري سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.