ڇا چونڊن جي تاريخ تبديل ڪئي ويندي؟

تحرير: علي رضا نوناري

جنھن ملڪ جا ادارا پنهنجو اصل ڪم ڇڏي ٻئي اداري جي ڪم ۾ مداخلت ڪرڻ شروع ڪن ته ان ملڪ جو عوام ئي ان کي ڀوڳيندو آهي. سو اڄوڪي سينيٽ جي اجلاس دوران اليڪشن ملتوي ڪرڻ واري ٺهراءُ جي پاس ٿيڻ کانپوءِ واري صورتحال به اسان جي لاءِ ڪا ڀلي ڪونهي.ڇو ته اليڪشن ملتوي ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم هو نه ڪي اوور ٽيڪ ڪندي سينيٽ جو ڪم هو.اسانکي ڪجھه ڏينھن کان ملڪ جي سپريم ڪورٽ سڳوري به وڏي پريشان نظر ٿي آئي جنهن جو سبب معلوم نه پئي ٿي سگهيو پر اڄ جي سينيٽ اجلاس کان پوءِ سڀ ڪجھه عوام اڳيان چٽو ٿي پيو آهي. گذريل ڏينھن ڪورٽ سڳوري جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سياستدانن جي نااهلي واري ڪيس جي سنوائي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته هڪ فوجي ڊڪٽيٽر اچي سڀني کي کڻي ٻاھر ٿو اڇلائي ڇڏي ان ڊڪٽيٽر آئين ۾ ڪڏھن پنهنجي ذات لاءِ صادق امين جو شرط نه رکيو آهي ته پوءِ ٻين لاءِ صادق امين جو ڏکيو شرط ڪيئن لاڳو ڪريون.

هن اهو به چيو ته فوجي آمرن آئين ۾ ترميمون ڪيون پر پارليامينٽ ڪڏھن به ان ترميم جي خلاف نه وئي. چيف جسٽس جو اهو اظهار اڄ سئو سيڪڙو سچو ثابت ٿي چڪو آهي توهان کي ياد هوندو ته گذريل هفتي چيف آف آرمي اسٽاف هڪ خطاب ۾ چيو ته اليڪشن لاجسٽڪ حوالي سان ملتوي ٿي سگھي ٿي پر ٿيندي ضرور ۽ ڪرائي به ويندي. سو اڄوڪو سينيٽ اجلاس به  چيف آف آرمي اسٽاف جي تابعداري سمجهون ٿا. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته سياستدان عوام جا چونڊيل ماڻهو هوندا آهن ۽ هڪ آمر آئين ٽوڙي حڪومت ۾ ايندو آهي تنهن ڪري آمرن ۽ سياستدانن کي گڏ پرکي نٿو سگهجي.

ان وڌيڪ چيو ته چونڊون ٿيڻ واريون آهن ۽ اهو معاملو به اسان کي ئي حل ڪرڻو آهي. ڪنهن کي تاحيات نااهل نٿو ڪري سگهجي ڇو ته توبهه جا در خدا ئي بند ناهن ڪيا سو اهو فيصلو اسين ڪيئن ٿا ڪري سگهون. ڪورٽ سڳوري جي انهن سخت رمارڪس مان ان جي پريشاني کي صاف ڏسي پيو سگهجي. هن انگيز بيانن پويان جيڪا رام ڪهاڻي هئي سا اڄ چٽي ٿي پئي ۽ طاقتور پاڻ کي وري به هڪ ترميم ذريعي آجو به ڪري ويا ۽ هڪ سپريم اداري کي ٻئي سپريم اداري جي سامهون جوابدار ڪري ويا ۽ هاڻي ملڪ جي ادارن اندر هڪ نئين جنگ ڇڙي چڪي آهي جيڪا خبر ناھي ڪٿي ڇيھه ڪندي. پر اهو وڏو سچ آهي ته اسان وٽ صرف طاقتور جي ئي هلندي ۽ ٻڌي ويندي آهي جنهن جو مثال آهي خواجه سعد رفيق جو ڏنل بيان آهي جنهن ۾ هن چيو ته 2017ع  واري دور ۾ جنرل فيض مظاهرين ۾ پئسا ورهايا جن تي اسان پڇو ته مظاهرين ۾ پئسا ڇو پيا ورهايو ته ان چيو ته انهن وٽ ڀاڙيو ڪونھي. هن وڌيڪ چيو ته ان وقت وزيراعظم به اسان جو هو پر جيڪي طاقتور هئا انهن ئي حڪومت خلاف ماڻھو آڻي ويهاري ڇڏيا ۽ ان سموري سازش جي ماسٽرن چيو ته اسين ائين ڪيئن ٿا ڪري سگهون. سو هاڻي به جيڪو ٿيو آهي ان جا اصل ذميوار پاڻ آجو ڪيون بيٺا آهن ۽ انهن ئي هڪ اداري کي ٻئي اداري جي سامھون آڻي بيهاري ڇڏيو آهي جنهن جو نتيجو به صرف عوام ئي ڀوڳيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.