چونڊون  ملتوي ٿيڻ سبب ملڪ جو نقصان ٿيندو

سينيٽ ملڪ ۾ اٺ فيبروري تي رٿيل عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ جو ٺهراءَ اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو آھي. سينيٽ ۾ اھڙي قرارداد سينيٽر دلاور خان پيش ڪئي. جنهن ۾ چيو ويو ته اڪثر علائقن ۾ سخت ٿڌ آهي، انڪري انهن علائقن جي چونڊ عمل ۾ شرڪت ڏکي آهي.ھن اھو بھ چيو ته آئين موجب شفاف اليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي.هن چيو ته جي يو آءِ ( ف ) جي ميمبرن ۽ محسن داوڙ تي به حملو ٿيو آھي،ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملا ٿيا آهن، جڏهن ته ايمل ولي بابت بھ حملي جو خطروآهي.

ھن سموري معاملي جو دلچسپ پاسو ھي آھي تھ سينيٽ ۾ جڏھن سينيٽر دلاور خان اليڪشن ملتوي ڪرڻ بابت ٺهراءُ پيش ڪيو،ان دوران سينيٽ ۾ رڳو 14 سينيٽر موجود هئا.سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو.  ان دوران نگران اطلاعات واري وزير مرتضيٰ سولنگي، (ن) ليگ جي سينيٽر افنان الله ان قرارداد جي سخت مخالفت ڪئي. جڏهن ته پ پ جي سينيٽر بهرا منڊ تنگي ۽ پي ٽي آءِ جي گرديپ سنگهه قرارداد تي خاموشي اختيار ڪئي.تحريڪ انصاف جي اڳوڻي سينيٽر عبدالقادر ان قرارداد جي حمايت ڪئي.

سينيٽر ثمينه ممتاز چيو ته موسمياتي تبديلي اڳ نه هئي، هاڻي ملڪ جون حالتون تبديل ٿي رهيون آهن، اسان پنهنجي فوج جو احترام ڪريون ٿا.  سينيٽر ڪهدا بابر چيو ته مونکي خوشي آهي ته منهنجي ڳالهه قبول ڪئي وئي،ملڪ ۾ اهڙا علائقا آهن جتي چونڊون نٿيون ٿي سگهن.بعد ۾ سينيٽ 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊون ملتوي ڪرڻ جي قرارداد اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتي ۽ سينيٽ چيئرمين سينيٽ جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

ھڪڙي پاسي ملڪ ۾ چونڊن جو سرگرميون جاري آھن ته ٻئي پاسي وري ڪنھن نھ ڪنھن پاسي کان روز عام چونڊن جا افواھ پکڙجندا رھن ٿا، اھڙين حالتن ۾ قانون جوڙيندڙ ھن وقت ملڪ ۾ واحد اداري سيينٽ پاران اھڙي قرارداد منظور ٿيڻ بعد عوام ۾ وڌيڪ شڪ پئدا ٿي رھيا آھن.انھن حالتن ۾ ھڪ ڀيرو وري ميڊيا ۾ اھو بحث شروع ٿي ويو آھي، جيڪڏھن ھن وقت جي پئدا ڪيل معاملي کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪجي تھ اھو معاملو سڌي ريت اليڪشن ڪميشن جو آھي،جيڪو بھ ھڪ آئيني ادارو آھي.پر خود سينيٽ مان اھڙي قرارداد منظور ٿيڻ جو مطلب ھي آھي تھ ڪجھھ ڌرين جي خواھش يقينن اھا آھي تھ چونڊون ملتوي ٿيڻ گھرجن،  ھي سمورو مونجھارو ان ڪري پئدا ڪيو پيو وڃي.

مبصرن موجب سينيٽ ۾ چونڊ ملتوي ڪرڻ جي قرارداد دراصل اليڪشن ملتوي ڪرڻ ڪنهن جي خواهش ۽ سازش آهي، جنهن جي ڪا به آئيني ۽ قانوني حيثيت ناهي.

ملڪ ۾ عام چونڊون 8 فيبروري تي ٿيڻيون آهن، جنهن لاءِ تياريون جاري آهن، اليڪشن ڪميشن چونڊن جو شيڊول به جاري ڪري ڇڏيو آهي.تازو ئي چيف جسٽس آف پاڪستان رمارڪس ڏنا ھئا ته ملڪ ۾ 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن جو فيصلو پٿر تي لڪير آهي.

ڪنھن بھ ملڪ جي لاءِ چونڊن سان ئي ملڪ جو ڪارو وھنوار بھتر نموني ھلائي سگھجي ٿو.جنھن انداز سان چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي قرارداد منظور ٿي آھي ان جو ان کانسواءِ ٻيو ڪو مقصد نھ آھي تھ ڪجهھ حلقن جي اھڙي خواھش ٿي سگھي ٿي پر ملڪ جي دور انديش مبصرن جو چوڻ آھي تھ ان سان لاڳاپيل ٻيا مسئلا وڌيڪ ڳنڀير ٿي ويندا.اھا جدا ڳالھھ آھي تھ ھن وقت ملڪ ۾ جھڙيون بھ چونڊون ٿي رھيون آھن جتي جي ميريٽ ۽ شفافيت تي ڪئين سوال اٿاريا پيا وڃن، ان ھوندي بھ ملڪ جو عام ماڻھو چاھي ٿو تھ چونڊون ضرور ٿين. اھو درست آھي تھ اسيمبلين جي نھ ھئڻ دوران سينيٽ واحد ادارو ھوندو آھي جيڪو ڪم ڪندو رھي ٿو، ھن وقت ھن اداري پاران منظور ڪيل قرارداد جي حيثيت ھڪ مقننھ اداري جي راءِ ٿي سگھي ٿي، پر موجودھ حالتن ۾ اھڙي راءِ بھ عوام جي خواھشن جي ابتڙ آھي،قرارداد ۾ ذڪر ڪيل معاملا اھم ھوندي بھ اھي چونڊن جي ملتوي ٿيڻ جو سبب نٿا بڻجي سگھن.ڇاڪاڻ جو آئيني طور عام چونڊون ملڪ جي ٻين سمورن معاملن کان وڌيڪ اھم آھن.

ملڪ ۾ چونڊن کي ملتوي ڪرڻ جي خواھش رکندڙ ڌرين کي اھو ذھن ۾ رکڻ گھرجي تھ ان سان وڌيڪ صورتحال خراب ٿي سگھي ٿي.جنھن سان وري اھو معاملو اڳتي وڌندو ويندو تھ ان سان بھ ڪنھن بھتري ڏانھن ملڪ جو سفر نھ ھوندو.ٻيو تھ جيڪڏھن پراڻو رڪارڊ جاچبو تھ ملڪ ۾ ھن کان بھ خراب حالتن ۾ عام چونڊون ٿيون آھن.جنھن ڪري اھو بحث ئي اجايو آھي.

اھڙي قرارداد جي سامھون اچڻ بعد ملڪ جي سمورين سياسي جماعتن کي گڏيل طور پنھنجي حڪمت عملي ۽ موقف پڻ  چٽو ڪرڻ گھرجي.ھٿن کان اڳ اھڙي قسم جون تجويزون ۽ اھڙا بيان جميعت علماءِ اسلام پاران ايندا رھيا آھن.ان جي بنياد تي ئي اھو بحث ميڊيا ۾ جاري رھيو آھي تھ ڪٿي چونڊون ملتوي نھ ٿي وڃن. ھن وقت سموري دنيا ۾ نئين صف بندي ٿي رھي آھي، ھي جھڙوڪ نئون ورلڊ آرڊر جو ھڪ نئون دور شروع ٿيڻ وارو آھي، ھئڻ تھ ائين گھرجي تھ انھن جي اھم ۽ بنيادي فيصلن ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۾ ھڪ چونڊيل حڪومت ھجي جنھن کان اڳي پوءِ عوام پڇاڻو بھ ڪري سگھي ۽ ان جو اڳتي ھلي حساب ڪتاب نھ ڪري سگھجي.

ھنن نازڪ حالتن ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ جي ڪا بھ ڪوشش ملڪ ۾ وڌيڪ افراتفري کي جنم ڏيندي.جنھن سان ملڪ ھڪ ڀيرو وري ڪنھن نئين ڌٻڻ ۾ ڦاسي سگھي ٿو.جنھن جي لاءِ وري سمورين سياسي جماعتن کي نئين سر سان جدوجھد ڪرڻي پوندي. اھو ياد رکڻ گھرجي تھ ملڪ ۾ ھلندڙ سياسي،معاشي ۽ آئيني بحران ختم نھ ٿيو آھي. ھڪ بحران ٻئي سان ڳنڍيل آھي.ان ڪري ملڪ جي بھتري ۽ ملڪ جو مفاد ان ۾ آھي تھ مقرر تاريخ تي عام چونڊون ڪرائي اقتدار جي واڳ چونڊيل نمائندن جي حوالي ڪئي وڃي، جئين ڪنھن نھ ڪنھن طرح ملڪ جنھن سسٽم مان نڪري رھيو آھي ان ۾ وري داخل ٿئي.ٻي صورت ۾ ملڪ ۽عوام کي پورائي نھ ٿي سگھڻ جھڙو نقصان رسندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.