حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ گھر تي مبينا قبضي خلاف عورت جو مڙس ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ سخت سيءُ ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج جاري رکيو، پريس ڪلب روڊ بلاڪ ڪري دانھون ڪيون، جنهن دوران روڊ کولرائڻ جي ڪوشش ڪندڙ ايس ايڇ او ڪينٽ رزاق ڪمانڊو کي عورت زودار چماٽ وھائي ڪڍي، گھر تان قبضو ختم نه ڪرائڻ تان ٻيھر خاطري ڪرائڻ تي گٿا لفظ ڳالهائڻ سميت پٽون ۽ پاراتا ڏنا، عورت ۽ سندس مڙس معصوم ٻارڙن سميت گرفتار ٿي ويو، وومين ٿاڻي تي منتقل. حيدرآباد ڪينٽ ٿاڻي جي حد صدر واري علائقي حاجي شاھه درگاھ جي رھواسڻ مسمات ريحانه مغل پنھنجي مڙس عبدالله مغل ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ سخت سيء ۾ گھر تي ٿيل مبينا قبضي خلاف ڪالھ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪندي روڊ تي ويھي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنھن سبب ٽرئفڪ معطل ٿي وئي، اطلاع تي ايس ايڇ او ڪينٽ رزاق ڪمانڊو پريس ڪلب سامهون پهچي احتجاج ڪندڙ خاندان سان ڳالھيون ڪري روڊ کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر عورت روڊ تان اٿڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنھن دوران ايس ايڇ او روڊ کولرائڻ جي ڪوشش ڪندي احتجاج ڪندڙ خاندان کي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان دوران احتجاج ڪندڙ عورت دانھون ڪندي ايس ايڇ او رزاق ڪمانڊو کي زوردار چماٽ وھائي ڪڍي، ان دوران پوليس ۽ احتجاج ڪندڙ عورت وچ ۾ ڇڪتاڻ ويتر وڌي وئي، ايس ايڇ او ڪينٽ عورت جي مڙس کي حراست ۾ وٺي پوليس موبائل ۾ ويھاري ڇڏيو، جنھن تي عورت ريحانه سخت احتجاج ڪندي دانھون ڪيون، ايس ايڇ او ڪينٽ کي چماٽ ھڻڻ واري وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وڏي پئماني تي وائرل ٿي وئي، پوليس احتجاج ڪندڙ عورت کي گھرڀاتين سميت حراست ۾ وٺي وومين ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو، ھوڏانھن احتجاج ڪندڙ عورت ريحانه مغل صحافين سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته سندس گھر تي قبضو ٿيل آھي، عدالتي حڪم باوجود ڪينٽ پوليس گھر تان قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ تيار ناھي، گذريل رات جو 3 وڳي معصوم بچڙن سان گڏ احتجاج ڪيو ته ايس ايڇ او ڪينٽ رزاق ڪمانڊو گھر تان قبضو ختم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو پر ٻئي ڏينھن پوليس ڪابه ڪارروائي نه ڪئي ان ڪري اسان ٻيھر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ته ايس ايڇ او ڪينٽ زبردستي اسان کي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ منھنجي مڙس معصوم بچڙن کي کنڀي پوليس موبائل ۾ وڌو، ھن چيو ته انصاف لاءِ در در جا ڌڪا کائي رھيا آھيون پر انصاف ملڻ بدران عوام جي جان ۽ مال جا محافظ به اسان کي حراسان ڪن پيا. جيڪڏھن سندس گھر تان قبضو ختم نه ڪرايو ويو ته ھو انتھائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿي ويندا.
ايس ايڇ او ڪينٽ کي چماٽ هڻندڙ عورت ۽ مڙس مٿان ڪيس داخل
حيدرآباد: حيدرآباد پريس ڪلب آڏو احتجاج دوران ايس ايڇ او ڪينٽ کي چماٽ ھڻندڙ عورت ريحانه ۽ ان جي مڙس عبدالله مغل تي عبدالله مغل جي اڳوڻي زال حميده مغل جي فرياد تي گھر مان پئسا چوري ڪرڻ ۽ ٽوڙ ڦوڙ ڪرڻ جو وومين ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، گرفتاري بعد وومين ٿاڻي تي منتقل ڪيل عورت ۽ ان جي مڙس عبدالله مغل خلاف داخل ٿيل ايف آءِ آر ۾ فريادڻ حميده مغل موقف اختيار ڪيو آھي ته آئون صدر واري علائقي آدم جي لائن گھر ۾ پنھنجي ٻن پٽن حسنين ۽ حمزه مغل سان گڏ رھندي آھيان ۽ اھو گھر منھنجي مائٽن منھنجي عبدالله مغل سان شادي ٿيڻ بعد رھڻ لاءِ ڏنو ھو، منھنجي مڙس عبدالله مغل مونکي طلاق ڏئي ريحانه سان شادي ڪري ڇڏي ان مان به عبدالله مغل کي ٻن ٻارن جو اولاد آھي، ان ڪري منھنجي پٽن جي چوڻ تي عبدالله کي گھر ۾ الڳ پورشن ۾ رھڻ ڏنو ويو، ان بعد ٻئي زال مڙس اسان کي گھر خالي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندا رھن ٿا ۽ ٽوڙ ڦوڙ ڪندا رھن ٿا. 5 جنوري 2024ع جي رات جو منھنجي پٽ حسنين 8 ھزار رپيا روڪ رقم پنھنجي ڪوٽ ۾ رکي، جيڪا صبح جو جاچ ڪرڻ مھل نه ملي، ان تي پٽ حسنين پنھنجي پيء عبدالله کان رقم بابت پڇا ڪئي ته اھو ٽال مٽول ڪرڻ لڳو ۽ ريحانه گھر ۾ ھل ھنگامو ڪندي ڀڃڊاھ ڪري ڏني ۽ گھر خالي ڪرڻ جو چيو، منھنجي اڳوڻي مڙس عبدالله ۽ ان جي زال ريحانه رقم چوري ڪئي آھي ۽ گھر ۾ ڀڃ ڊاھ ڪندي گار گند ڪئي آھي.