اوهان کي ڪهڙي واچ پسند آهي؟ اڄ جي جديد موبائل واري دور ۾ شايد اهو سوال معمولي لڳي پر ڪو وقت اهڙو به هو جو ان جي اهميت لاءِ ايترو ئي چئي سگهجي ٿو، ته واچ سان واچ آ. مطلب اهو ٿيو ته ان جو متبادل ڪجهه ٻيو ٿي ئي نٿو سگهي.
واچ جو بنيادي مقصد ته وقت ٻڌائڻ آهي پر اها شخصيت تي به چڱو ڀلو اثرانداز ٿئي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو واچ پائڻ جو رواج ڪيڏو به گهٽجي ويو آهي پر واچ اڄ تائين شخصيت کي ظاهر يا تاثر قائم ڪرڻ ضرور اهم سمجهي وڃي ٿي.پر ڪو اهڙو دور به هيو جو ماڻهو واچ کانسواءِ پاڻ کي اڌورو محسوس ڪندو هو ۽ ايتري تائين ماڻهو هڪٻئي جي مخالفت ۾ طعنو به اهو ئي هڻندا هئا ته وٺي واچ نٿو سگهي، باقي جي مان ڪيٽن جو مالڪ آهيان سائين،
نوڪري واري هنڌن تي واچ پائڻ انتهائي ضروري ته هئي ئي پر شادي لاءِ ڇوڪرو پسند ڪندڙ ماڻهن کي ٻين خوبين سان گڏ نوجوانن جي واچ پائڻ يا هجڻ به نظر ۾ هوندو هو.
پاڪستان ۾ ٻانهن واري واچ پائڻ جو رواج خاص ڪري رواج ورهاڱي کانپوءِ گڏيل سماجي زندگي ۽ جديد نوڪريون وڌڻ واري سلسلي جي شروعات کانپوءِ عام ٿيو، شروع واري دورن ۾ واچ ڪجهه شاهوڪار ۽ خاص درجي جي ماڻهن جو تحفو ئي سمجهي ويندي هئي ۽ مختلف وقتن ۾ سوئٽزرلينڊ ۽ جاپان جا مشهور ۽ قيمتي برانڊز، جهڙوڪ Rado, Seiko ۽ Citizen ملڪ جي امير ۽ اعليٰ طبقن ۾ تمام گهڻا مشهور رهيا.
بهرحال! هلي هلي اهڙو وقت به آيو جو واچ ڪنهن مخصوص طبقي نه پر هر ماڻهو جي ضرورت بڻجي وئي ۽ اهو ئي اهو دور هو جڏهن واچ ٺاهيندڙ ڪمپنين کي ماڻهن جي ضرورت محسوس ٿي ۽ انهن اهو سمجهو ته واچ رڳو امير ماڻهن ئي نه پر هر عام ماڻهو، پورهيت، ملازم ۽ شاگرد تائين پهچڻ به ضروري آهي ۽ سٽيزن ڪمپني اهڙو قدم کنيو جيڪو ان دور جي ماڻهن جي تمام بهترين ياد بڻجي ويو.
1976ع ۾ جاپان جي سٽيزن ڪمپني هڪ نئين ۽ سستي براند ”Q&Q“ کي مارڪيٽ ۾ آندو، ڪيو اينڊ ڪيو جو مقصد آهي ”ڪوائلٽي ۽ ڪوائنٽٽي“ مطلب ته ڪمپني ان نالي ۾ ئي ڀروسي ۽ هر ماڻهو تائين پهچڻ جو مقصد واضح رکيو آهي.
ٿوري ئي وقت ۾ اهو برانڊ ماڻهن ۾ ايڏو مقبول ٿيو جو هر ماڻهو تائين پهتو ۽ ”ڪيو اينڊ ڪيو“ به اعزاز، خلوص، دوستي ۽ محبت جو نشان بڻجي وئي، ماڻهو اولاد کي امتحانن ۾ سٺي نمبرن يا اَي گريڊ ۾ پاس ٿيڻ تي ”ڪيو اينڊ ڪيو“ واچ وٺي ڏيڻ جو شرط رکڻ لڳا، نوڪري واري هنڌن تي توڙي ميٽرڪ ۽ انٽر جا شاگرد به ڪيو اينڊ ڪيو واچ پائي ٻانهن لوڏي فخر سان هلڻ لڳا. ان سان گڏ دوستين ۽ محبتن ۾ به ان ئي واچ کي تحفي طور خاص رکيو ويو.
”Q&Q“ واچ 1980ع ۽ 1990ع واري ڏهاڪن ۾ عروج تي هئي، اسڪولي توڙي ڪاليجن جا شاگرد ۽ استاد ۽ ٻيا ان واچ کي وڏي شوق ۽ دلچسپي سان پسند ڪندا ۽ پهرائيندا هئا. ڊجيٽل واچن جي اچڻ کان اڳ ڪوارٽرز واچن ۾ ”Q&Q“ واچ هر طبقي جي ماڻهو جي ضرورت بڻجي چُڪي هئي.
1976ع کان شروع ٿيل اهو برانڊ هن وقت تائين 120 کان مٿي ملڪن تائين پهچي چڪو آهي ۽ ڪمپني ڪروڙن جي انگ ۾ واچون کپائي چُڪي آهي.
جديد دور ۾ خاص ڪري موبائل فون جي عام ٿيڻ کانپوءِ واچن جو عام استعمال گهٽجندو ويو پر ڪنهن دور ۾ واچ فيشن ته هئي پر واچ رڳو فيشن نه پر وڏي ڳالهه به هئي، ان جي اهميت ۽ دور بابت ان وقت جي ماڻهن کان جيڪڏهن ڪير پُڇان ڪندو يا ان دور جي ماڻهن مان ڪنهن کي ڪنهن پراڻي سامان مان ڪا کَريل کُريل واچ نظر ايندي ته انکي رڳو ان جو سادو ڊائل يا بيٺل سُيون ئي نظر نه اينديون پر اهو ”هڪ دور، هڪ عمر، هڪ انداز ۽ ڪيتريون ئي يادون“ ياد اچي ويندو.