پي ٽي آءِ اڳواڻ زرتاج گل خلاف هڪ ٻيو ڪيس داخل

ڊي آءِ خان ( م ڊ) ڊيرا غازي خان ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي صوبائي وزير زرتاج گل خلاف هڪ ٻيو ڪيس داخل  ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مٿس سرڪاري نوڪري ڏيڻ جي آڇ تي شهري کان 5 لک رپيا هڙپ ڪرڻ جو الزام آهي. سخي سرور جي ٿاڻي تي حد جي ملٽري ٿاڻي تي ظفر حسين نالي هڪ شهري جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. درخواستگذار موجب زرتاج گل کي اڍائي سال اڳ سخي سرور سرڪاري اسپتال ۾ نوڪري لاءِ درخواست ڏني هئي، جنهن تي زرتاج گل نوڪري لاءِ 5 لک رپيا ورتا، پر نه ته نوڪري ملي ۽ نه ئي رقم واپس ملي.

  • ملڪ ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان جاري لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي جو امڪان

ڪراچي (م ڊ ) ملڪ ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان جاري لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي. نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني جي ٽيڪنيڪل ٽيمن 500 ڪي وي گڊو سوئچ يارڊ جي متاثر سرڪٽ بريڪر کي تبديل ڪرڻ جو ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي. اين ٽي ڊي سي انتظاميا جي هدايت تي اين ٽي ڊي سي جو واڌو عملو مقرر ڪيو ويو آهي ته جيئن متاثر سرڪٽ بريڪر جي تبديلي جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪري سگهجي.

  • سٽي ڪورٽ، نوجوان جو قتل ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي عمر قيد جي سزا

ڪراچي(رپورٽر) ماڊل ڪرمنل ڪورٽ سالي جو قتل جو الزام ثابت ٿيڻ تي عدالت  جوابدار فرحان ڪاشف کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالت جوابدارن تي هڪ لک رپيا ڏنڊ به لڳايو، عدالت چيو ته ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ سزا ۾ وڌيڪ 6 مهينا واڌ ڪئي ويندي، پراسيڪيوٽر اشرف ڀٽي عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار خلاف 5 کان وڌيڪ شاهددن بيان رڪارڊ ڪرايو، مقتول اسلم پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀائٽي جي گهر ويو هو، جهيڙي دوران جوابدارن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.