ڇا سازشي ڪڏهن مڃيندو آهي ته هن سازش ڪئي آهي؟: خواجا آصف

اسلام آباد (م ڊ ) اڳوڻي بچاءَ واري وزير ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجا آصف اليڪشن جي تيارين ۾ پنهنجي ئي پارٽي جي سستي جو اعتراف ڪري ورتو. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته هو ان ڳالهه تي متفق آهي ته پارٽي کي ميڊيا ۽ عوام جي موجودگي تي ڪم ڪرڻ گهرجي. مسلم ليگ ن کي چونڊ مهم ۽ منشور جي حوالي سان جلدي ڪرڻ جي ضرورت آهي. فيض آباد ڌرڻي ڪميشن آڏو آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل رٽائرڊ فيض حميد جي بيان تي رد عمل ڏيندي خواجا آصف چيو ته ڇا سازشي ڪڏهن مڃيندو آهي ته هن سازش ڪئي آهي؟ خواجه آصف چيو ته 2017ع ۾ وزيراعظم اسان جو هو پر حڪومت انهن جي هئي ۽ ماڻهو به انهن آڻي ويهاريا هئا. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو ته هن سڪيورٽي ڪميٽي جي اجلاس ۾ جنرل باجوه کان پڇيو ته احتجاج ڪندڙن ۾ پئسا ڇو ورهايا ويا. ان تي جنرل باجوه چيو ته احتجاج ڪندڙن وٽ واپسي جو ڀاڙو نه هو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.