ڪي اليڪٽرڪ لائسنسن ۾ رليف ختم ٿيڻ وارو، نيپرا فيصلو نه ڪري سگهي

نيشنل اليڪٽرڪ اينڊ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪي اليڪٽرڪ جي لائسنس جي تجديد واري معاملي تي فيصلو جاري نه ڪيو آهي. ڪي اليڪٽرڪ جي لائسنس جي مدي ۾ عبوري رليف جو مدو 19 جنوري تي ختم ٿيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيپرا اڃا تائين اليڪٽريڪل لائسنس جي تجديد بابت فيصلو جاري ناهي ڪيو. ذريعن موجب ڪي اليڪٽرڪ جي 20 سالن جي لائسنس جو مدو 20 جولاءِ 2023 تي ختم ٿي ويو، نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي لائسنس ۾ 6 مهينن جي عبوري واڌ ڪري ڇڏي آهي. نيپرا لائسنس جي تجديد جي درخواست تي ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو. نيپرا 28 نومبر 2023 تي ٻڌڻي مڪمل ڪرڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.