طبيعت ۾ ڪافي عرصي کان مونجھارو ۽ بي چيني ھئي. زندگي جي ڪنھن اھم مسئلي منجھائي ڇڏيو هو، ايئن حياتي بي رنگ پئي لڳي. اسان ڪڏھن ڪڏھن ننڍن ننڍن معاملن ۾ ايترو ته پريشان ٿي ويندا آھيون جو ڊپريشن ۽ مايوسي طاري ٿي ويندي آهي. پر وري جڏھن صوفين ۽ ولين جي زندگين بابت پڙھندا يا ڏسندا آھيون ته زندگي جو اصل روح سمجھه ۾اچي ويندو آهي. شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ منهنجي بي چين روح کي ھميشه سڪون عطا ڪيو آهي جڏھن به مايوس ٿيندي آھيان ته محبوب شاھ سائين جو ھي بيت ورجائيندي رھندي آھيان
تون حبيب تون طبيب تون دردن جي دوا
جانب منهنجي جيءَ ۾ آزار جا انوا
صاحب ڏي شفا ميان مريضن کي.
شاھ سائين جي تعليم ۽ ان جو پيغام صرف ھڪ صوفي جي حيثيت سان نه آھي پر شاھ سائين صوفي بزرگ سان گڏو گڏ ھڪ سوشل سائنٽسٽ يا وري چئجي ته زندگي جي اصل فلسفي کي سمجھائيندڙ ھستي آھي. شاھ جو فڪر ۽ فلسفو زندگي کي آسان ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آھي.
اتفاق سان ھن ھفتي ٻه ڀيرا شاھ سائين جي مزار تي وڃڻ ٿيو پر ٻيو ڀيرو وڃڻ وڌيڪ يادگار رھيو. ڪجهھ يادگيريون ھميشه لاءِ ذھن ۾ خوبصورت احساسن جيان امر ٿي وينديون آهن. ھن دفعي اسان شاھ سائين جي تمام پياري ۽ ويجھي فقير سائين تمر فقير جي يارھين پيڙهي جي اولاد جي گھر ۾ رھياسين. سائين علي ڏنو ،شاھ سائين جي پياري فقير تمر سائين جي يارھين پيڙهي ۾ ڳاڻاٽو ٿئي ٿو.
ڪراچي مان صبح اٺين وڳي ڀٽ شاھ لاءِ روانو ٿياسين.
نيڻ ننڊون نه ڪن ڀڳو آرس اکين
اجھاميو ٻرن توکي ساريو سپرين
دل ۾ شاھ سائين جي حب ۽ شاھ جي وائي ٻڌڻ لاءِ آتن ڪنن سفر کي آسان ڪري ڇڏيو. چوندا آهن ته محبوب کي ڏسڻ ۽ ان سان ملڻ جي تڙپ ۾ ڪا به مشڪل يا سفر جي ٿڪاوٽ معني ناھي رکندي. موسم به ڀلي سخت ھجي پر محبوب جي ديدار جي خوشي ۾ اها به رڪاوٽ ناھي بڻبي. اسان ته وري به خوبصورت سياري جي موسم ۾ پنهنجي محبوب جي زيارت لاءِ وڃي رھيا ھئاسين. سياري جي ٿڌڙين ھوائن سفر کي اڃان وڌيڪ سندر ڪري ڇڏيو.
سائين تمر فقير جي اولاد مان سائين عبدالرحمان جيڪو ڪراچيءَ ۾ رھندو آھي سو شادي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ڳوٺ لائق ڏنو تمراڻي ۾ موجود ھيوءِ اسان جي اچڻ جي انتظار ۾ هو سو بار بار فون ڪري پڇندو رھيو ته ڪٿي پھتا آھيو، اھا اصل ۾ سندن روايتي مھمان نوازي جو مثال ھئي. تقريبن ٻارھين بجي تائين اسان ڀٽ شاھ تي پھچي وياسين. شاھ سائين جي روضي جو منظر ئي مختلف ھوندو آھي. مزار تي پھچڻ کان اڳ ھڪ خوبصورت بازار مان گذرڻو پوندو آهي جنھن ۾ منھنجي سنڌ جي سڄي ثقافت پنهنجي سونھن جا سب رنگ نمايان ڪندي آهي. روضي جي وڏي ۽ خوبصورت در مان اندر مزار ۾ ويندي شاھ سائين جو بيت دعا مثل ياد اچي ويو
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين
سنڌ جي دعا سان گڏ پنھنجي اندر جي جنگ يا وري چئجي ته اندر جي ڀڃ ڊاھ به شاھ سائين سان اوريم ۽ سڪون ماڻيم.
ڀٽ شاهه جي حاضري کان پوءِ ادا رحمان ۽ ادا رزاق اسان کي شاھ سائين جي وڏي اوطاق جت شاھ سائين پنهنجي فقيرن سان روح رھاڻ ڪندا ھيا اوڏانهن وٺي هليا. اها اوطاق شاھ سائين جو گھر به سڏائيندي آھي. ھن گھر ۾ رزاق ڀاءُ جي ڌي ۽ پٽ جي شادي جي تقريب به رکي وئي هئي، عجب سمان ھو، خوشين جا گيت ڳايا پئي ويا پر مون لاءِ سڀ کان وڏي شادماني شاھ سائين جي گھر يا وڏي اوطاق کي ڏسڻ جي ھئي. گھر ۾ شادي جھڙي مصروف تقريب جي باوجود ادا فدا جيڪو ڪنوار جو ڀاءُ ۽ سائين تمر فقير جي اولاد مان آھي اسان کي جيڪو مان ۽ احترام ڏنو تنهن لاءِ وري ھڪ ٻي ڪالم ڪھاڻي لکڻي پوندي.
مصروف ھجڻ جي باوجود سائين فدا اسان کي اوطاق جي ھڪ ھڪ حصي جي باري ۾ ڄاڻ ڏني. شاھ سائين جو تنبورو ڏسي منهنجي دل جون سڀ تارون ڇڙي پيون، سڀ سُرَ جاڳي پيا. شاھ جي عبادت جي جاءِ ڏسي اکين ۾ خوشي جا لڙڪ لڙي آيا. شاھ سائين جو بسترو استعمال جون شئيون شاھ سائين جي اوطاق ۾ ڏسي سيسراٽيون نڪري پيون وڃن ايئن پئي لڳو ته آئون ٽائيم مشين جي ذريعي شاھ لطيف جي دور ۾ ھلي وئي آهيان.
شاھ سائين جي ذڪر ۾ مونکان وسري ويو ته سائين شاھ حبيب ۽ سائين تمر فقير جي مزار تي به حاضري ڀري هئي جيڪا دل کي تمام راحت ڏيندڙ ھئي. اھو ذڪر ضروري ھيو ڇو ته شاھ جو ذڪر ڪجي ۽ شاھ جي پيارن جو ذڪر نه ڪجي اھو صحيح ناھي.
بھرحال تمر فقير سائين جي ڳوٺ جي رونق ۽ رنگ ئي الڳ ھو. مونکي هي ڳوٺ ٻين ڳوٺن کان تمام مختلف لڳو. ھي ڳوٺ نه پر ھڪ الگ دنيا آھي جتي شاھ جا فقير رھن ٿا جنھن جي ھر گھر ۾ شاھ جي وائي گونجي ٿي. انھن جي گھرن ۾ شاھ جي بيتن سان روح رھاڻ ٿيندي آهي انھن جو اٿڻ ويھڻ شادي مرادي ھر ڳالهھ ۾ شاھ سائين جو ذڪر ٿيندو آهي. سڄيون راتيون گذري وڃن پر ھي شاھ سائين جو ذڪر ڪندي ناھن ٿڪبا. ھي آھي تمر فقير جو ڳوٺ جنھن جا فقير سڄي رات شاھ جو راڳ ڳائيندا آهن
بدقسمتيءَ سان ثقافت کاتو انھن تي اھا گهربل توجهه ناھي ڏني جنھن جا ھي اصل حقدار آھن. شاھ جا ھي فقير بنا ڪنھن لالچ يا لوڀ جي شاھ جي وائي کي پنهنجي سرن ۾ ڳائيندا پيا اچن پر ڪجهھ فقيرن جي حالت ڏسي ڏک ٿيو، اھي معاشي طور ڪمزور لڳا .
ھاڻي جيڪو توهان کي ٻڌائيندم اھو ٻڌي يا پڙھي اوھان جي دل به چاھيندي ته ڪاش اسان به انھن فقيرن جي ڳوٺ وڃون ۽ انھن جي ويجهو ھجون پر اھا خوشقسمتي ھر ڪنھن جي نصيب ۾ ناھي ھوندي. اھو شرف اسان کي حب لطيف ۾ حاصل ٿيو طبيعت جو مونجھارو ان وقت بلڪل ختم ٿي ويو جڏھن اسان کي سائين طالب حسين جيڪو سائين تمر جي خاص فقيرن ۽ انھن جي پشت مان آھي. اسان کي شاھ سائين جي استعمال جون ذاتي شيون ڏيکاريون ويون ۽ اسان کي انھن شين کي ھٿ ۾ کڻڻ جي اجازت به ڏني. انھن شين ۾ شاھ سائين جي جتي، شاھ سائين جي اھا تسبيح جنھن تي شاھ سائين ورد ڪندي ڪندي ٻئي جھان پھچي ويندا ھيا، شاھ جو ڪشتو ۽ شاھ سائين جي استعمال ۾ ايندڙ ھٿيار جيڪي شاھ سائين پنهنجي دفاع لاءِ ھر وقت پاڻ سان گڏ رکندا ھئا. سي سڀ شيون ڏسي تمام گھڻي راحت ملي، انھن کي اکين تي رکي چمندي رھيم.
رات ھن ڳوٺ ۾ گذاري صبح ڪراچي وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳاسين پر ايتري ۾ سائين فدا جي ننڍي ڀاءُ سائين نياز اسان کي جھليو ۽ چيائين ته اڄ آئون اوهان کي اھڙي جاءِ تي وٺي ويندم جنھن کي ڏسي اوھان خوشگوار حيرت ۾ اچي ويندا ۽ واقعي ايئن ٿيو. اسان کي ادا نياز، شاھ سائين سان لاڳاپيل ھڪ اھڙي جاءِ تي وٺي ويا جنھن کي شاھ سائين جي گھٽ چاھيندڙن ڏٺو ھوندو. ھن جاءِ جو نالو آهي ”لال لئي“ فقيرن موجب شاھ سائين پنھنجي پيءُ سان ڪنھن ڳالھه تي ناراض ٿي ڪنھن وڻ جي اندر پاڻ کي لڪائي ڇڏين ۽ چوڻي موجب تقريبن سال کن ھن پاڻ کي ان ۾ قيد رکيو. ھڪ ڏينھن ڪنھن واڍئي شاھ سائين کي ڳولهي ورتو ۽ چيائين ته آئون وڃي توھان جي پيءُ کي ٻڌايان ٿو ان تي شاھ سائينءَ کين جھليو پر ھن شاهه سائين جي ڳالھه نه رکي جنھن تي شاه سائين ھن کي بد دعا ڏني ته تنھنجي ھر پشت ۾ ڪنھن ھڪ کي ڪوڙھ جو مرض پيدا ٿيندو. ھاڻي ان ڳالهھ ۾ ڪيتري صداقت آهي تنهن باري ۾ اسان کي شاھ سائين تي تحقيق ڪندڙ ئي ٻڌائي سگھن ٿا. پر حقيقت ڪجهھ به ھجي يقين ڪيو ھن وڻ وٽ بيھندي جيڪو سڪون مون ماڻيو ان جي اظھار لاءِ لفظ به گھٽ ٿيو پون.
ھن ڪالم ذريعي منهنجي ثقافت کاتي وارن کي ھٿ ٻڌي درخواست آھي ته خدارا اھڙي جاين جي سار لھو. مونکي اهو ڏسي ڏک ٿيو ته ھن جاءِ تي نه ڪو بورڊ لڳل آھي نه وري ڪا معلومات لکيل آهي. ھتي اسان کي ھڪ کوھ به نظر آيو جنهن جي باري ۾ ادا نياز ٻڌايو ته ھي کوھ شاهه سائين جي دور جو آھي پر بدقسمتي سان هاڻي تقريبن سڄو پورجي چُڪو آهي. سياحت ۽ ثقافت کاتي وارن کي انھن قديم ماڳن مقامن تي اوليتي بنيادن تي ڌيان ڏيڻ گھرجي.