انساني حقن جي تنظيم طرفان چونڊ ماحول تي ڳڻتي ظاھر

ملڪ ۾ عام چونڊن جي سرگرمين ۽ ان سان گڏ نگران حڪومت جي عملن بعد ڪجھھ اھڙا سوال پئدا ٿي رھيا آھن،جن بابت ڪجهھ ڌريون اڳ ۾ ئي دانھن ڪري رھيون ھيون. جنھن ڪري ملڪ جي ھنن چونڊن جي ساک تي گھڻا ئي سوال اٿاريا پيا وڃن.هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) جي شريڪ چيئرمين منيزا جهانگير جو چوڻ آهي ته جمهوري پاڪستان جي قيام لاءِ صاف ۽ شفاف چونڊون ضروري آهن، پر موجوده صورتحال ۾ صاف ۽ شفاف چونڊن تي سواليه نشان پيدا ٿي ويا آهن.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مُنيزي جهانگير چيو ته ملڪ ۾ انساني حقن جي صورتحال انتهائي  خراب آهي، سياسي شخصيتن جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته پابندي مڙهيل تنظيمن جي اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ درست قرار ڏنا ويا آهن. هن چيو ته  اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت کي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن.

هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن جو ڪيس انتهائي سنگين آهي، گم ٿيل ماڻهن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي. ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ فرحت الله بابر چيو ته جمهوريت کانسواءِ انساني حقن جو تصور به نٿو ڪري سگهجي.

هن چيو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي شروعات ٿي وئي آهي، ليول پليئنگ فيلڊ کان محروم ڪيو پيو وڃي، لڳي ٿو چونڊن ۾ انجنيئرنگ ڪئي ويندي، سمورين سياسي پارٽين کي چونڊن لاءِ ليول پلئنگ فيلڊ حاصل هجڻ گهرجي.

ملڪ ۾ انساني حقن بابت ڪم ڪندڙ اداري طرفان چونڊن جي جاري تياري ۽ نگران حڪومت جي ڪارڪردگيءَ بابت اٿاريل سوال اھم بڻجي ويا آھن،جنھن ڪري ھاڻي فوري طور تي نگران حڪومت کي چونڊن بابت معاملن کي بھتر ڪرڻ جي لاءِ ھنگامي قدم کنيا وڃن.

ھڪ وڏي آبادي واري ھن ملڪ ۾ جمھوري نظام جي لاءِ عام چونڊون گھڻو ضروري آھن،جنھن سان ملڪ جي ساک پت بھ جڙي ٿي تھ وري عام ماڻھوءَ کي گھٽ ۾ گھٽ اھو اطمينان ٿئي ٿو تھ حڪومت ۾ ھنن جو بھ ڪجهھ حصو پتي آھي.پر جنھن نموني سان چونڊن جو ماحول پئدا ٿي رھيو آھي، ان ڪري عام ماڻھن توڙي ملڪ جو جمھوريت ۾ ويساھ رکندڙ سياسي جماعتون ڳڻتي جو شڪار ٿي رھيون آھن.

ملڪ جي اختيارين کي اھو سمجھڻ گھرجي تھ گذريل ڪجهھ سالن ۾ ملڪ جي جيڪا صورتحال آھي ان ۾ سياسي،معاشي ۽ آئيني بحران موجود آھي،اھو طئھ آھي تھ ملڪ ۾ سياسي استحڪام بنا نھ تھ معاشي بحران ختم ٿي سگھي ٿو نھ وري آئيني بحران جو ڪو حل نڪري سگھي ٿو.ان ڪري ملڪ جي ھاڻوڪي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سمورن اسٽيڪ ھولڊرز خاص ڪري ملڪ جي واڳ ڌڻين کي عام چونڊن جي لاءِ اھڙو مثبت ماحول جوڙڻ گھرجي،جنھن سان ڪنھن بھ سياسي جماعت کي ليول پليئنگ فيلڊ نھ ملڻ واري شڪايت باقي نھ رھي.پر جيڪڏھن ملڪ جي عوام کي پنھنجي نمائندن چونڊڻ لاءِ ھڪ جھڙو موقعو نھ مليو، کين آزاديءَ سان ووٽ وجھڻ نھ ڏنو ويو، پنھنجا نمائندا چونڊڻ جي اجازت نھ ڏني وئي تھ ان جا نتيجا وڌيڪ خراب نڪري سگھن ٿا.

ڪا بھ حڪومت جيڪا عوام جي راءِ جي خلاف ھٿ سان جوڙي ڪري ملڪ جي مٿان مڙھي وئي تھ وري موجود سياسي،معاشي ۽آئيني بحران وڌيڪ سنگين ٿي ويندا،جنھن جو پھريون نقصان ملڪ جي عوام کي ٿيندو جڏھن تھ ان سان منفي لاڙا پئدا ٿيندا.جنھن جو ھنن حالتن ۾ ملڪ کي وڏي نقصان رسڻ جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگھجي.

انساني حقن جي تنظيم پاران ملڪ جي عام چونڊن جي حوالي سان ظاھر ڪيل ڳڻتي بعد ھاڻي وقت جي سرڪار کي فوري طور تي معاملن کي بھتر ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گھرجن.جيڪڏھن ان ۾ ڪنھن بھ قسم جي ڪوتاھي ٿي تھ ان جو سان ملڪ جا مسئلا وڌي وڻ ٿي ويندا،جن کي وري حل ڪرڻ ۾ وڏو وقت لڳي سگھي ٿو،جنھن جي نتيجي ۾ عوام جو خاصو پئسو ۽ وقت لڳي ويندو.

  • ميرپوربٺورو ۽  ڀرپاسي ۾ بدامني خلاف عملي قدم کنيا وڃن

 

سنڌ جو شايد ئي ڪو شھر ھجي جتان امن جو پکي اڏامي نھ ويو ھجي،ڪو شھر اھڙو نھ آھي جتي ھر روز ڪو نھ ڪو ڏوھ،چوري،ڦر يا ڪنھن ٻئي ڏوھ جي واردات نھ ٿيندي ھجي.سنڌ جي ھڪ اھڙي ئي شھر ميرپوربٺورو ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ھڪ عرصي کان  بدامني وڌي وئي آھي.ان جا ڪيئي سبب ٿي سگھن ٿا پر قانون لاڳو مقامي پوليس ان سلسلي ۾ ڪنھن بھ ڳڻپ ۾ ايندڙ ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نھ آھي.جنھن ڪري عام ماڻھون مايوسي جو شڪار ٿي ويو آھي.

بدامني جي خلاف سوين ڳوٺاڻن مارچ ڪرڻ بعد ڌرڻو ھنيو ۽ پوليس جي ڪاڪردگيءِ تي عدم اطمينان جو اظھار ڪندي احتجاج رڪارڊ ڪرايو.ميرپوربٺورو ۽ ڀرپاسي وارن ۾ وڌندڙ وارداتن ۽  ڊي سي آفيس ڪلارڪ کان ٿيل ڦر ۾ ملوث ڏوهاري گرفتار نه ٿيڻ خلاف شاهنواز لنڊ جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ شير خان لنڊ کان ميرپوربٺورو تائين ٽي ڪلوميٽر مارچ ڪرڻ بعد ميرپوربٺورو جي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو.  احتجاج ڪندڙن جو چوڻ ھو تھ نااهل پوليس عملدارن کي هٽائي امن امان بحال ڪيو وڃي. ھنن جو چوڻ ھو تھ علائقي ۾ چورين ڦرن جون وارداتون معمول بڻجي ويون آهن پر پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نٿي ڪري.جنهن عوام غير محفوظ۽ معمول واري زندگي متاثر ٿي رھي آھي.  شھرين موجب هتان جي عوام کي ڏوهارين جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي، تازو ڊي سي آفيس سجاول جي ڪلارڪ سردار لنڊ کان ٿيل ڦر سميت علائقي جي ماڻهن کان ٿيل ڦرن ۾ ملوث هڪ به ڏوهاري گرفتار نه ٿيو آهي. شھرين سنڌ جي، آءِ جي پوليس ۽ وڏي وزير کي بدامني خلاف قدم کڻي لاڳاپيل اختيارين کان ان پڇاڻي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

ھي ڪنھن ھڪ شھر يا علائقي جي ڪھاڻي نھ آھي پر اھڙي دانھن سنڌ جي ھر شھر جي آھي،حڪومت جي عوام جي حياتي، عزت ۽ مال ملڪيت جي تحفظ جي آئيني ۽ قانوني  ذميواري تھ آھي پر ان جي لاءِ مقرر ڪيل قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي لاپرواھي ۽ غفلت جي ڪري ان تي ڪٿي بھ عمل ٿيندي نظر نٿو اچي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.