موجودھ سياسي اڳواڻن ۾ شايد ميان محمد نواز شريف سڀني کان وڌيڪ تجربيڪار سياستدان آهي. هو ٽي دفعا وزير اعظم ٿيو ۽ ٽئي ڀيرا کيس نيڪالي ڏني وئي.هُن ڊگھي وقت تائين اپوزيشن جي سياست به ڪئي ۽ ٻه ڀيرا جلاوطني بھ ڪاٽي. هو پهرين صوبائي وزير رھيو پوءِ وڏو وزير بڻيو ۽ ان کانپوءِ وزيراعظم ٿيو. اهڙيءَ طرح ھو واري واري سان اقتدار جون چاڙھيون چڙهندي هڪ تدريجي عمل مان پڻ گذريو.
ان لحاظ کان عمران خان يا ٻيو ڪو به سندس برابر ناهي. ميان نواز شريف ۽ ساڻس ھمرڪاب ڌيءَ مريم نواز جو شمار بهادر سياستدانن ۾ ايئن بھ ٿئي ٿو تھ اھي موت جو خطرو به کڻي سگهن ٿا. 12 آڪٽوبر 1999ع تي جڏهن چار جنرل ھن وٽ ويا ۽ بندوق جي زور تي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو ته سندس انڪار جو مطلب اهو ھو ته ھو موت جو خطرو کڻي رھيو آهي. اهي ضدي به آهن، ڪن موقعن تي ڄمي بيھي به رھن ٿا ۽ وڏي وقار سان جيل به ڪٽي وڃن ٿا. هو سعودي عرب ۾ جلاوطن هو تھ سندس والد وفات ڪري ويو.جنھن جي جنازي ۾ ھو شرڪت نه ڪري سگهيو. ٻئي ڀيري سندس زال زندگيءَ ۽ موت جي ڇڪتاڻ ۾ مبتلا هئي ۽ کيس بيماري جي بستري تي ڇڏي ڪري ھو مريم نواز سان گڏ گرفتار ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان ھليو آيو. اهو شايد هن جي زندگيءَ جو سڀ کان ڏکيو فيصلو هو ۽ مان نٿو سمجهان ته هو ان کي سموري زندگي وساري سگهندو. يقينن پنهنجي زال کي زندگي ۽ موت جي ڇڪتاڻ ۾ ڇڏي ڪري گرفتاري ٿيڻ جي لاءِ پاڪستان اچڻ جو فيصلو ڪو غيرمعمولي شخص ئي ڪري سگھي ٿو. اهو ئي معاملو مريم نواز شريف جو آهي. هن پڻ عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ جي گڏيل ظلمن جو بهادريءَ سان ڄمي ڪري مقابلو ڪيو. باوقار طريقي سان جيل ڪٽيا ۽ پوءِ هوءَ بھ پنهنجي ماءُ کي ان حالت ۾ ڇڏي گرفتاري لاءِ پاڪستان اچڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو ان جي لاءِ وڏي دل گھرجي ٿي.
پر اهو ھڪ وڏو ”پر“ آهي ته ھنن جو اقتدار اچي ٿو تھ سندن رويو بلڪل بدلجي بادشاھن وارو ٿي وڃي ٿو، پر هن ڀيري باقاعدي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ پيءُ ۽ ڌيءَ جو رويو بادشاهن جهڙو ٿي ويو آهي. وطن واپسي تي ميان نواز شريف کي گهرجي ها ته پارٽي تنظيم تي توجهه ڏئي ۽ سڄي ملڪ جي عوام سان رابطا قائم ڪري متحرڪ ڪري ها، پر وطن واپس اچڻ کان پوءِ ميان صاحب هڪ بادشاهه وانگر رائيونڊ جي محل ۾ ويھي رھيو ۽ پارٽي اڳواڻن کي رعيت سمجھي ڪري واري واري سان اتي گھرائي رھيو آھي. ميان صاحب نه ته ڀرپور سياست ڪري رهيو آهي ۽ نه ئي وري اڃان تائين ڪو سياسي بيانيئو جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿيو آھي.
هن وقت مسلم ليگ ذرو بھ سياست نه ڪري رهي آهي. پاڪستان واپس اچڻ کان پوءِ ميان صاحب بادشاهن وانگر ويھي رھيو آهي. هن جو خيال آهي ته هن لاءِ عدليه جا ڪيس بھ ڪنهن ٻئي کي ختم ڪرڻا آهن.سياسي بيانيئو بھ ھن لاءِ ڪنھن ٻئي کي ٺاهڻو آهي ۽ پي ٽي آءِ،کي بھ ڪنھن ٻئي کي سنڀالڻو آهي، ميان صاحب جو خيال آهي اهو سڀ ڪجهه ڪو ٻيو ڪري رڳو اقتدار سندس جھوليءَ ۾ وجهي. اڳ ۾ مسلم ليگي ووٽر اهو سمجھي رهيو هو ته ميان صاحب واپس ايندو ته هو سياسي ميدان سجائيندو، پر هو واپس اچي بادشاهه بڻجي ويو. هو موسم جو مزو وٺڻ لاءِ مري تھ وڃي ٿو، پر اڄ تائين پختون خواهه جو دورو نه ڪيو آهي. جيڪڏهن جلسن جي نوبت نھ آئي تھ يا ڪن سببن جي ڪري جلسا نٿو ڪري سگھي ته پوءِ بار رومز ۽ ٻين طبقن سان انڊور تقريرن تي ڪنھن پابندي ھنئي آھي. اڄڪلهه ميان صاحب ٽڪيٽن جي ورهاست ۾ مصروف آهي پر ان لاءِ به اميدوارن کي لاهور سڏيو پيو وڃي.گهٽ ۾ گهٽ ميان صاحب اهو تھ ڪري پئي سگھيو ته پختونخواهه جي ٽڪيٽن جي ورهاست لاءِ سڀني کي پنھنجي دولت خاني تي حاضر ڪرائڻ بدران پاڻ پشاور وڃي ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل ۾ ويهي اھو ڪم ڪري ها.اھو ڪم ھو بلوچستان ۽ سنڌ جي حوالي سان بھ ڪري ھا ته اميدوارن کي اهو تاثر نه ملي ها ته اهي غلام آهن.
ميان صاحب وزيراعظم ٿيڻ چاهي ٿو پر سندس سوچ پنجاب کان شروع ٿي پنجاب تي ختم ٿئي ٿي. سڀ کان وڏو الميو اهو آهي ته اڄ تائين ڪو اثرائتو سياسي بيانيئو نه ڏئي سگهيو آھي ۽ عوام وٽ وڃڻ لاءِ وٽس ڪجهه به ناهي. سندس پارٽيءَ جي ميڊيا پاليسي به بنھھ ناڪام آهي. اهو ئي سبب آهي ته پي ٽي آءِ،پختونخواهه ۽ پنجاب ۾ هڪ نئون جنم وٺي رهي آهي ۽ جيڪڏهن اهو بادشاهي رويو برقرار رھيو ته اليڪشن مهم گرم ٿيڻ تي عوام جي سامهون وڃڻ جي قابل نھ رھندو.سڀ کان وڏو الميو ھي آهي ته ماضيءَ وانگر ھڪ ڀيرو ٻيھر ميان صاحب کي خوشامدين ۽ خاص ڪري انھن چئن چاپلوسين پنھنجي گھيري ۾ آڻي ورتو آھي.جيڪي ماضيءَ ۾ به کيس ٻوڙڻ جو سبب بڻيا هئا.ميان صاحب انهن چئن جي قبضي هيٺ رهيو ۽ سندس بادشاهي رويو برقرار رهيو ته سندس چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ جو خواب مشڪل سان ئي پورو ٿيندو.