سکر(رپورٽر) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته ن ليگ وٽ ٻيو ڪو آپشن ناهي ان ڪري اتحاد ۾ شامل ٿي رهي آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ماضي ۾ به چونڊن ۾ اتحاد ٿيا آهن.ڪراچي جي تڪن ۾ 2 سيٽون ڏنيون ويون آهن، چيو پيو وڃي ته ليول پليئنگ فيلڊ نه ڏني پئي وڃي، اسان 2 سيٽن تي گوڙ نه ڪيو، هن چيو ته جيڪي حد بندي تي عدالت وڃڻ چاهين ٿا ڀلي وڃن.هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته چونڊون 8 فيبروري تي ڪرايون، چونڊون ملتوي ڪرڻ جي ڪا گنجائش ناهي.