ڪرپشن اسڪينڊل ۾ برگيڊيئر کي سزا،ٿري اسٽار جنرل کي ڪلين چٽ

لاهور(عوامي آواز نيوز) جنرل بچي ويو، برگيڊيئر رڳڙجي ويو، ڪرپشن اسڪينڊل ۾ ٿري اسٽار جنرل کي ڪلين چٽ ملي وئي، وي لاگر عمران  شفقت چيو آهي ته پاڪستان جي فوج هڪ ڊسپلين فورس آهي پر سوال ته اٿندا، اڳوڻي واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل(ر) سجاد غني کي چيو ويو هو ته ايترا واپس ڪريو، راحيل شريف دور ۾ اهو تاثر پيدا ڪيو ويو هو ته فوج ڪرپشن جي خاتمي جو پڪوپهه ڪيو آهي سول حڪومت به ايئن ڪري،ان دور ۾ جنرل(ر) سجاد غني جي پٽ جي هڪ وڊيو وائرل ٿي هئي جنهن ۾ هو اداڪاري ڪندي پنهنجو محل نما بنگلو ۽ مهانگيون ترين گاڏيون ڏيکاري رهيو هو، هي اهو ئي جنرل آهي جنهن هدايت ڪئي هئي ته واپڊا جي هر آفيس ۾ قائداعظم جي تصوير سان گڏ منهنجي تصوير به لڳائي وڃي، ان معاملي تي وڏو رولو پيو هو،واپڊا ۾ڪرپشن معاملن بابت ايف آءِ اي کي درخواست ڏني وئي هئي، هن چيو ته اها خبر هلائڻ تي منهنجي خلاف وڏو ممڻ مچايو ويو، اسلام آباد ۾ هڪ ويهڪ دوران مون کي چيو ويو ته سجاد غني ڪنهن جو به لاڏلو ناهي، هن چيو ته فوج جو هڪ کاتو پي اي ڊائريڪٽوريٽ آهي جيڪو ڊسپلين جو ذميوار آهي، ان واپڊا معاملن بابت برگيڊيئر کي طلب ڪيو، ان جي پينشن بند ،پلاٽ منسوخ ڪيا ويا، انڪوائري ڪري ان کي سزا ٻڌائي وئي، ان ڀرتين جي مد ۾ 22 ڪروڙ، واپڊا ۾ وردين جي مد ۾ 2 ڪروڙن جي هيرڦير ڪئي هئي،آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت به هن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، هن چيو ته اصل ذميوار جنرل سجاد غني خلاف ڪجهه نه ٿيو، آرمي چيف ته هاڻي هر معاملي کي ذاتي طور نٿو ڏسي سگهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.