اسرائيل جا حملا جاري، وڌيڪ 110 فلسطيني شهيد

غزا(م ڊ) اسرائيل غزا تي وحشياڻا حملا مسلسل جاري رکندي بريج ڪئمپ تي حملو ڪي جنهن ۾ وڌيڪ 110 فلسطيني شهيد ٿي ويا، قابض فوج جباليه ڪئمپ کي مڪمل طور تي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي، غزا ۾ زميني آپريشن ۾ وڌيڪ 3 اسرائيلي فوجي مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا واضح رهي ته 7 آڪٽوبر کانپوءِ شهيد فلسطينين جو انگ 16 هزار جي ويجهو پهچي ويو آهي، گڏيل قومن جي اداري او سي ايڇ اي ڏکڻ غزه ۾ شديد اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ وڏي پيماني تي جاني ۽ مالي نقصان جي تصديق ڪئي آهي. او سي ايڇ طرفان جاري رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته ڏکڻ غزه ۾ هفتي جي پڄاڻيءَ دوران اسرائيلي بمباري سان سَوين شهادتن اتي پناهه وٺندڙ فلسطينين لاءِ ڳڻتيءَ ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. امدادي ٽيمن جي چُرپر انتهائي محدود ۽ اُتر تائين رسائي هاڻ مڪمل طور تي بند آهي.

رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته گذريل ڏينهن غزا تي اسرائيلي بمباري سان گهٽ ۾ گهٽ 316 ڄڻا شهيد ۽ 664 زخمي ٿيا آهن. فلسطيني پناهگيرن جي حوالي سان گڏيل قومن جي اداري يو اين ڊبليو آر اي چيو آهي ته ڏاکڻي علائقي رفح تي اسرائيلي جي فضائي حملن ذريعي ماڻهن کي لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. يو اين ڊبليو آر اي جي معاملن بابت ڊائريڪٽر ٿامس وائيٽ ٻُڌايو ته ماڻهو پاڻ کي محفوظ هنڌن لاءِ واجهائي رهيا آهن پر اسان وٽ انهن کي محفوظ هنڌن تائين رسائڻ لاءِ ڪجهه ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.