مهانگائي ستايل عوام لاءِ هڪ ٻيو جهٽڪو، بجلي اگهه ۾ 3رپيا 5 پئسا في يونٽ واڌ

اسلام آباد ( م  ڊ )  نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري  اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي قيمت ۾ 3 رپيا 5 پئسا في يونٽ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد مان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته آڪٽوبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ سبب بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. نيپرا جي نوٽيفڪيشن موجب بجلي جي قيمتن ۾ 3 رپيا 5 پيسا اضافو ڊسمبر جي بلن ۾ وصول ڪيو ويندو. نيپرا جي نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته هي واڌو اگهه  لائف لائن ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن تي لاڳو نه ٿيندو.

                                                                                                                                                                           \\\\

اسلام آباد(م ڊ) پيپلز پارٽي جي سينيٽر ميان رضا  رباني ملڪ جي پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين (ڊسڪو) ۾ اوور بلنگ کي ڪرپشن سڏيندي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اها ڪرپشن جي برابر آهي، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. اهو بيان هڪ اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن بجلي جي فراهمي ۾ اوور بلنگ جو انڪشاف سڄي پاڪستان ۾ ڊسڪوز تي الزام آهي ته هو صارفين کي ڦري رهيا آهن ۽ انهن کان 100 سيڪڙو کان وڌيڪ بجلي وصول ڪري رهيا آهن. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) هڪ جامع انڪوائري ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته بجلي جون ڊسٽري بيوشن ڪمپنيون پنهنجي صارفين کان بنا جواز اوور چارجنگ ڪري رهيون آهن. نيپرا جي انڪوائري کي سمورن اسڪينڊل جي ماءُ قرار ڏيندي رضا رباني چيو ته بجلي ڪمپنيون اوڳاڙي بلن ذريعي صارفين کي ڦري رهيون آهن. هن چيو ته بجلي جي فراهمي ۾ اوور بلنگ جي اها سڀ کان وڏي غلط فهمي آهي، نيپرا رپورٽ ڊسڪوز جي سموري روينيو اسٽريم جي سالميت تي سواليه نشان لڳائي ڇڏي آهي. هن چيو ته رپورٽ ۾ اهو به معلوم ٿيو آهي ته صارفين کان وصول ڪيل اصل رقم بلن تي موجود ميٽر ريڊنگ جي سنيپ شاٽ کان مختلف آهي، ڪجهه حالتن ۾ اسنيپ شاٽ غير واضح ۽ مبهم هئا جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي انهن کي ڄاڻي واڻي نه ڪڍيو ويو. هن چيو ته رپورٽ ۾ اهو به معلوم ٿيو آهي ته صارفين کان وصول ڪيل اصل رقم بلن تي موجود ميٽر ريڊنگ جي سنيپ شاٽ کان مختلف آهي، ڪجهه حالتن ۾ اسنيپ شاٽ غير واضح ۽ منجهيل هئا جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي انهن کي ڄاڻي واڻي نه ڪڍيو ويو. رضا رباني چيو ته رپورٽ جا نتيجا ڏوهاري سرگرمين جي برابر آهن، ڊسڪوز خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. هن مطالبو ڪيو ته واهپيدارن جي بلن ۾ اضافي رقم کي ايڊجسٽ ڪيو وڃي ۽ ڊسڪوز جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيا وڃن ۽ نيپرا جي رپورٽ سينيٽ آڏو رکي انهن جون تجويزون ڏنيون وڃن. انهن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.