عمران جي بيان تي جنرل (ر) باجوا عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ تيار

لاهور (عوامي آواز نيوز) عمران خان جي اعلان ته هو جنرل (ر) قمر جاويد باجوه ۽ ڊونلڊ لوکي عدالت ۾ شاهديءَ  لاءِ گهرائيندو ان کانپوءِ اڳوڻي آرمي چيف جي ايڇ ڪيو کي درخواست ڏني آهي ته جيڪڏهن عمران کيس عدالت گهرائي ته کيس پيش ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي نامياري صحافي معظم فخر  جو  چوڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي ذريعن کان ڄاڻ ملي آهي ته عمران خان طرفان مسلسل آمريڪي سازش جي راڳ آلاپڻ ۽ اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا کي ان جو ذميوار قرار ڏيڻ ۽ عدالت ۾ گهرائڻ  واري بيان کانپوءِ جنرل (ر) باجوا  شديد ڪاوڙ ۾ آهي. ذريعن موجب هن جي ايڇ  ڪيو کي درخواست ڏني آهي  ته هو عدالت ۾ پيش  ٿيڻ ۽ آڏي پڇا کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ادارو کيس ان جي اجازت ڏئي ذريعن موجب عمران خان جي بيان ۽ جنرل  (ر)  باجوه جي دخواست بعد جي ايڇ ڪيو ۾ به ڪاوڙ پکڙيل آهي.

جاويد لطيف جنرل(ر) باجوا کي عدالت گهرائڻ جي حمايت ڪري ڇڏي

لاهور (م ڊ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ جاويد لطيف عمران خان جي جنرل باجوه کي عدالت گهرائڻ واري موقف جي حمايت ڪري ڇڏي آهي . ماڊل ٽائون لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته عدالت ۾ آمريڪي سفير کي ته نه پر (ر) جنرل باجوه کي ته گهرائي سگهون ٿا جيئن عمران خان جا ڪرتوت سامهون اچي سگهن. ان کان علاوه فيض حميد، لطيف کوسي ۽ ثاقب نثار کي ته  ضرور اتي گهرائي سگهجي ٿو ته عمران خان جي ڪرتوتن جي خبر پئجي سگهي. جاويد لطيف چيو ته پي ٽي آءِ جو اڳوڻو چيئرمين ڌمڪي ڏئي شيخ مجيب الرحمان بنجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. سهولتڪارن کي سمجهه اچڻ گهرجي ته اهو انهن جي ايجنڊا کي نه پر عالمي ايجنڊا کي پورو ڪندو.  عمران خان کي عالمي ايجنڊا پوري ڪرڻ جي لاءِ جيل ۾ سهولتڪاري ملي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.