حيدرآباد(رپورٽر)سنڌ آبادگار بورڊ حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي ته ذخيرا اندوزي ۽ بليڪ مارڪيٽ کي ختم ڪري آبادگارن کي سستي اگهه تي زرعي ڀاڻ فراهم ڪيو وڃي. اهڙو مطالبو سنڌ آبادگار بورڊ جي صدر محمد نواز شاه ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي ، ڊاڪٽر بشير نظاماڻي ۽ سيد نديم شاهه به ساڻس گڏ هئا. هنن چيو ته ڀاڻ جا ڊيلر ڪمپنين ۽ سرڪاري عملدارن جي ملي ڀڳت سان يوريا ۽ ڊي اي پي جا من پسند اگهه مقرر ڪري آبادگارن کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آھن. جنهن جي خلاف سنڌ آبادگار بورڊ پاران 23 آڪٽوبر کان احتجاج جاري آھي ۽ آبادگار سراپا احتجاج آھن پر هينئر تائين مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي. هنن چيو ته يوريا ڀاڻ جي گذريل ڏيڍ سال کان بليڪ مارڪيٽنگ جاري آھي يوريا ڀاڻ کان پوءِ ٻئي نمبر تي ڊي اي پي جو استعمال ٿيندو آھي جنهن جو وڪرو به واپاري پنهنجي من پسند اگهن تي ڪري رهيا آھن هڪ اندازي مطابق ناجائز منعافي خور ڊيلر آبادگارن جي کيسي مان بليڪ مارڪيٽنگ ذريعي 130 ارب روپيا ڪڍي چڪا آھن جنهن سان ذريعي پيدار وار ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين گهٽتائي ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته ناجائز منافعي خوري ۽ بليڪ مارڪيٽنگ جو اثر هر شعبي تي پوي ٿو جنهن سان ڪڻڪ جي اگهه ۾ واڌ ۽ اٽو مهانگو ٿي سگهي ٿو جنهن جو سڌو سنئون اثر عام ماڻھن تي پوندو.