تعليم کاتي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي سيڪريٽري کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو

ڪراچي ( رپورٽر ) تعليم کاتي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي سيڪريٽري کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو، جنهن جو نوٽيفڪيشن  به جاري ڪيو ويو. سنڌ جي تعليم کاتي جي نوٽيفڪيشن موجب ڪاليجز کاتي جي پروفيسر حفيظ الله کي سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مقرر ڪيو ويو آهي. تعليم کاتي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ کي ڪتابن جا ٽينڊر رد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٽينڊر ۾ ضابطن ۽ سيپرا ضابطن تي عمل نه ڪيو ويو هو. سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي چيئرمين کي هٽائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي سمري موڪلي وئي آهي.

نائيجيرين فوج جو جشن ميلاد النبي جي تقريب تي ڊرون حملو، 85 ڄڻا شهيد

ابوجا ( م ڊ ) نائيجيريا جي فوج غلطيءَ سان جشن ميلاد النبي جي موقعي تي ڊرون حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 85 ڄڻا شهيد ٿي ويا. عرب ميڊيا موجب نائيجيريا  جي فوج طرفان ڊرون حملو آچر جي رات ڪدونا رياست جي ايگابي ڪائونسل واري علائقي ۾ ان وقت ڪيو ويو جڏهن مقامي مسلمان نبي ڪريم صه جي ولادت جي جشن جي مناسبت سان گڏ ٿي رهيا هئا. اختيارين موجب نائيجيريا جي فوج باغين کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڊرون جو استعمال ڪيو جيڪو حادثاتي طور تي هڪ مذهبي تقريب ڪريو ، گهٽ ۾ گهٽ 85 شهري شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. ٻئي پاسي ايمنسٽي انٽرنيشنل جي نائيجيريا آفيس ٻڌايو آهي ته ڊرون حملي ۾ 120 ڄڻا شهيد ٿيا، جن ۾ اڪثريت ٻارڙا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.