پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين جي نااهلي بابت فيصلو محفوظ

اسلام آباد ( م ڊ ) اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين جي نااهلي بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو. چيف اليڪشن  ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين کي پارٽي عهدي تان هٽائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين جو وڪيل شعيب شاهين اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيو. وڪيل شعيب شاهين چيو ته اسان انٽرا پارٽي چونڊن جو رڪارڊ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايو آهي، هاڻي اهو ڪيس ختم ٿيڻ گهرجي، قانوني طور هي معاملو ختم ٿي چڪو آهي، ڇاڪاڻ ته پارٽي جو نئون چيئرمين اچي ويو آهي.  چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته خالد محمود کي موقعو ڏئي رهيا آهيو ته هو نئين چيئرمين خلاف به درخواست داخل ڪري. درخواستگذار خالد محمود چيو ته توهان آرڊر ۾ لکي ڏيو ته پي ٽي آءِ جو اڳوڻو چيئرمين سزا يافته آهي ۽ پارٽي ۾ ڪنهن به عهدي تي نٿو رهي سگهي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ اليڪشن نه وڙهي آهي، ان بابت ڪجهه نٿا چئي سگهون. اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين جي چونڊ بابت رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.