لاهور (عوامي آواز نيوز) چونڊن ۾ بيٽ جو نشان بيلٽ پيپر تان هٽي وڃڻ جا امڪان وڌي ويا آهن، نامياري صحافي منصور علي خان جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي ٿيل پارٽي چونڊن کي پي ٽي آءِ جي باني ميمبر اڪبر ايس بابر اليڪشن ڪميشن ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي ۽ چونڊن کي غير آئيني قرار ڏنو آهي. جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏني ته پوءِ اهي خدشا وڌي ويندا ته چونڊن ۾ بيلٽ پيپر تي بيٽ جو نشان ئي نه هجي ڇو ته هاڻي چونڊ شيڊول جو اعلان ٿيڻ وارو آهي. جڏهن ته درخواست تي فيصلو اچڻ ۾ گهڻو وقت لڳي ويندو.