تعليمي ادارا حوا ڄائين لاءِ موت، خيرپور ڪاليج ۾ شاگردياڻي پراسرار نموني فوت

 خيرپور/ گهوٽڪي /ڏهرڪي ( رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو/ آزاد مهر / اسد لغاري) ڏهرڪي سان تعلق رکندڙ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙھندڙ سنيا ڪيسواڻي هاسٽل ۾ پرسرار نموني فوت ٿي وئي.  ڏهرڪي جي مٺو مل محله  جي رهواسڻ ايم بي بي ايس جي آخري سال جي شاگردياڻي سينها ڪيسواڻي  خيرپور ميڊيڪل ڪاليج ۾ جي هاسٽل ۾ پرسرار نموني فوت ٿي وئي  ذريعن موجب شاگردياڻي گرلس  هاسٽل ۾ روم ٻاهريان پڙهي رهي هئي ته اوچتو  ڪري پئي جنهن کي بيهوشي جي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور ۾ نيو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران شاگردياڻي جي موت جي تصديق ڪئي اهڙي خبر پوڻ تي ڏهرڪي جي هندو برداري ۾ سخت تاء پکڙيل شاگردياڻي جي گهر ۾ ڪهرام متل ,ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو شاگردياڻي سنيها ڪمار جو والد نارائڻ داس ڪجه سال اڳ ديهانت ڪري چڪو آهي. جڏهن ته فوت ٿيندڙ شاگردياڻي ڏهرڪي جي مشهور ڊاڪٽر سروپ چند ڪيسواڻي جي ڀائٽي پڻ هئي جڏهن ته وڏي درٻار ڏهرڪي ۾ شاگردياڻي سنيها ڪيسواڻي جو تڏو رکيو ويو آهي. شاگردياڻي سنيا جوتي ڪيسواڻي جي ڀاء ڊاڪٽر مڪيش ڪيسواڻي عوامي آواز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته منھنجي ڀيڻ کي دل ۾ دورو پيو ۽ ھو اتي گرلس ھاسٽل کان اين آء سي وي ڊي اسپتال خيرپور ۾ پھچايو ويو ۽ ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته ھو رستي ۾ ئي فوت ٿي آھي منھنجي ڀيڻ جو موت قدرتي آھي تنھن ڪري اسان انتظاميه کي لکي ڏنو آهي ته سنيا جوتي ڪيسواڻي جو پوسٽ مارٽم نه ٿا ڪرائڻ چاھيون بنا ڪنھن شڪ جي پنھنجي مرضيءَ موجب مان پنهنجي ڀيڻ جو لاش گھوٽڪي ڀرسان ڏھرڪي کڻائي وڃي رھيو آھيان بعد ۾ ڊاڪٽر مڪيش ڪيسواڻي پنهنجي ڀيڻ جوش کڻائي روانو ٿي ويو.ھو

سنيا کي دل جو دورو پيو، اڌ ڪلاڪ تڙپندي رهي

خيرپور:  اھم ذريعن موجب سنيا تي ڪيسواڻي جو ي (اڄ)فائينل سال جو امتحان ھيو جنھن تيار ۾ پنھنجي ڪمري ۾ پڙھي رھي ھئي ته کيس اوچتو دل ۾ دورو پيو ھو اڌ ڪلاڪ تائين ھاسٽل تڙپندي رهي ۽ رڙيون ڪندي رھي پر انتظاميه جي لاپرواهيءَ سبب کيس ڪنھن به اسپتال نه پھچايو ۽ کيس سندس ھاسٽل واريون شاگردياڻين رڪشا ۾ کڻائي اين آء سي وي ڊي اسپتال خيرپور ۾ پھچايو جتي ڊاڪٽرن چيڪپ بعد تصديق ڪئي ته دل جي دوري سبب 15 منٽ پھريان شاگردياڻي فوت ٿي چڪي آهي بعد ۾ لاش سول اسپتال جي مرچري وارڊ ۾ آندو ويو جتي سندس ڀاءُ ڊاڪٽر مڪيش ڪيسواڻي ميڊيا سان ڳالھائڻ بعد لاش کڻايو ويو.

سنيا ڪماري کي شاگردياڻيون رڪشا ۾ اسپتال کڻائي آيون

خيرپور: ٻڌايو پيو وڃي ته شاگردياڻي سنيا ڪماري کي شاگردياڻيون رڪشا ۾ اسپتال کڻائي آيون. اهو به چيو پيو وڃي ته شاگردياڻي سنيا  ڪماري انتظامیہ کي اڳ م اطلاع ڪيو هو ته سندس طبيعت بھتر ناهي کيس موڪل ڏني وڃي ته جيئن هوءَ گهر وڃي سگهي پر ھاسٽل وارڊن کيس موڪل نه ڏني. ٻڌايو پيو وڃي ته شاگردياڻي سنيا ڪماري ايم بي بي ايس  جي آخري سال جي شاگردياڻي هئي ۽ سڀاڻي سندس آخري پيپر پڻ هو جڏهن ته  سندس سالگره جو ڏينهن پڻ هو. ھوڏانھن سول اسپتال، خيرپور ميڊيڪل ڪاليج توڙي شاگردن طرفان ڪوبه موقف ڏيڻ کان خاموشي اختيار ڪئي وئي آهي

شاگردياڻين هاسٽل وارڊن کي ايمبولنس ڏيڻ جو چيو

خيرپور: ايمبولنس نه ملڻ ۽ شاگردياڻيون پنهنجي شاگردياڻين کي کڻي نه سگهن سبب رڙيون ڪيونئ بوائز هاسٽل مان شاگردن جي پهچڻ تي شاگردياڻين رڪشا تي ڊاڪٽر سنيا کي اين آئي سي وي ڊي خيرپور پهچايو. هاسٽل وارڊن جو رويو شاگردياڻين سان صحي نه رهيو آهي.  اين آئي سي وي ڊي جي ڊاڪٽرن تصديق ڪئي ته اسپتال پهچڻ کان اڳ شاگردياڻين فوت ٿي وئي آهي.

سنيا جي ڀيڻ ۽ هڪ ڀاءُ آسٽريليا ۾ رهندڙ

ڏهرڪي : سنيها ڪيسواڻي فائنل ايئر جي شاگردياڻي هئي  سنيها ڪيسواڻي جي هڪ ڀيڻ  ڪرن ڪيسواڻي آهي جيڪا آسٽريليا ۾ رهندي آهي. فوت ٿيندڙ شاگردياڻي سنيها  جو هڪ ڀاءُ نيل ڪيسواڻي آهي جيڪو آسٽريليا ۾ بزنس ڪندو آهي.

پوسٽ مارٽم بعد حقيقتون سامهون اينديون کيس وڌيڪ ڄاڻ ناهي: پرنسپل

خيرپور( م ڊ) ڪاليج جي پرنسپل جو چوڻ آهي ته ڪراچي آفيشل ميٽنگ تي ويل هئس اتان واپس پيو اچان. هن چيو ته کيس به  اطلاع مليو آهي. هاسٽل وارڊن ٻڌايو ته شاگردياڻيون آيون جن چيو شاگردياڻي نه پئي اٿي. جنهن کي بعد ۾ اين آئي سي وي ڊي خيرپور منتقل ڪيو ويو.   پوسٽ مارٽم بعد حقيقتون سامهون اينديون کيس وڌيڪ ڄاڻ ناهي. خيرپور پهچي گهڻ رخي جاچ ڪبي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.