لنڊن ( م ڊ ) برطانوي پوليس اڳوڻي فوجي آفيسر عادل راجا جي گرفتاري جي خبرن کي رد ڪري ڇڏيو. خابرو اداري موجب ميٽرو پوليٽن پوليس واضح ڪيو ته عادل راجا کي لنڊن پوليس گرفتار ناهي ڪيو. لنڊن پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ميٽرو پوليٽن پوليس صرف لنڊن جي حدن اندر ڪم ڪندي آهي ۽ عادل راجا لنڊن کان ٻاهر رهندو آهي. خابرو اداري موجب عادل راجا جي علائقي جي پوليس سان رابطو ڪيو ته هنن به عادل راجا جي گرفتاري جي خبر کان لاعلمي ظاهر ڪئي. عادل راجا جي گرفتاري جي حوالي سان نيوز ايجنسي جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته کيس لنڊن مان گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ان رپورٽ جي تصديق سفارتي ذريعن کان به ڪئي وئي آهي. خابرو اداري موجب لنڊن ۾ پاڪستاني سفارتڪار جو چوڻ هو ته کين اهڙي ڪا به ڄاڻ ناهي، سندن ذريعن جو چوڻ آهي ته عادل راجا جي لنڊن مان گرفتاري جون خبرون غلط آهن.عادل راجا جي وڪيل مهتاب عزيز جو چوڻ آهي ته هن عادل راجا سان رابطو ڪيو آهي ۽ سندس گرفتاري جون خبرون غلط آهن.
چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي 17 ارب 40 ڪروڙ رپيا جاري
اسلام آباد (م ڊ ) وفاقي ناڻي واري وزارت عام چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي وڌيڪ فنڊ جاري ڪري ڇڏيا. ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب اليڪشن ڪميشن کي 17 ارب 40 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن. پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ناڻي واري وزارت ان کان اڳ 10 ارب رپيا جاري ڪيا هئا ۽ هيل تائين گڏيل طور تي اليڪشن ڪميشن کي 27 ارب 40 ڪروڙ رپيا جاري ٿي چڪا آهن. واضح رهي ته بجيٽ ۾ اليڪشن لاءِ 42 ارب رپيا مختص ڪيا ويا هئا. گذريل ڏينهن ان حوالي سان ناڻي واري سيڪريٽري اليڪشن ڪميسن ۾ ملاقات به ڪئي هئي.
پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کان چونڊ شيڊول طلب ڪري ورتو
پشاور(م ڊ) پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کان ايندڙ ٻڌڻي تي اليڪشن شيڊول طلب ڪري ورتو،پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جسٽس عبدالشڪور ۽ جسٽس سيد ارشد علي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته چونڊن جو اعلان ٿي چڪو آهي، اليڪشن ڪميشن شيڊول جاري ڪري، ان تي جسٽس سيد ارشد علي رمارڪس ڏنا ته اليڪشن شيڊول 54 ڏينهن اڳ اچي ٿو، 8 فيبروري کان اڳ جا ڏينهن ڳڻيو، ڪڏهن اچي ٿو.اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته شيڊول کانسواءِ اليڪشن ناهي ٿيندي، شيڊول به اچي ويندو. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته 13 ڊسمبر تائين چونڊ شيڊول اچڻ گهرجي، جسٽس سيد ارشد علي چيو ته سڀني کي اعتماد آهي، لڳي ٿو ته درخواستگذار کي اعتبار ناهي.
چونڊ عمل ۾ برابري جي بنياد تي شرڪت اڻٽر آهي : پي ٽي آءِ
اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) چيو آهي ته بحرانن مان نڪرڻ جو رستو شفاف چونڊن ۾ آهي. جاري ڪيل بيان ۾ تحريڪ انصاف جي ترجمان اڪبر ايس بابر جي انٽرا پارٽي چونڊن بابت پريس ڪانفرنس تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته سياسي پارٽين جي چونڊ عمل ۾ برابري جي بنياد تي شرڪت اڻٽر آهي. پي ٽي آءِ جي ترجمان چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف ڪروڙين پاڪستانين جي نمائنده سياسي جماعت آهي. تحريڪ انصاف يا ان جي قيادت کانسواءِ شفاف چونڊن جو ڪو تصور ممڪن ناهي. ترجمان چيو ته قوم تحريڪ انصاف کي سياسي عمل کان ڌار ڪرڻ جي ڪوششن کان آگاهه آهي. پي ٽي آءِ ترجمان چيو ته بيٽ جو نشان التوا ۾ رکڻ بدران اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي جاري ڪري.