ڪي پي ۾ عمران حامي طالبان ۽ پي ٽي آءِ جو ڳٺ جوڙ

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) عمران خان جي حڪومتي دور ۾ جن طالبان کي افغانستان مان آڻي ڪي پي ۾ آباد ڪيو ويو هو اهي ۽  پي ٽي آءِ وارا پاڻ ۾ متحد آهن،جيڪي چونڊن دوران امن امان جون حالتون خراب ڪرڻ جي تياري ڪري ويٺل آهن، نامياري تجزئي نگار عبدالله طارق سهيل جو چوڻ آهي ته جن طالبان کي عمران خان ڪي پي ۾ آباد ڪيو هو اهي مراد سعيد ۽ ڪي پي جي ٻين پي ٽي آءِ اڳواڻن  سان رابطي ۾ آهن، پي ٽي آءِ حامي طالبان سازش ڪئي آهي ته هو ڪي پي ۾ چونڊون ٿيڻ نه ڏيندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته اهڙي قسم جون رپورٽون  قانون لاڳو ڪندڙ  ادارن کي به ملي چڪيون آهن، ان ڪري نٿو لڳي ته  عمران حامي ٽي ٽي پي پنهنجي سازش ۾ ڪامياب  ٿيندي. اهو به ممڪن آهي ته چونڊن کان اڳ ئي ڪو وڏو آپريشن ڪيو وڃي جنهن کانپوءِ عمران حامي ٽي ٽي پي جي چيلهه ڀڄي پئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.