ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ جي صحت کاتي پاران چيو ويو آهي ته هلندڙ سال سڄي سنڌ ۾ 90 هزار 853 ڪيس رپورٽ ٿيا.
ڪراچي ۾ مليريا جا 772 ڪيس رپورٽ ٿيا، جن مان سڀ کان وڌيڪ ملير ضلعي ۾ 249 ڪيس سامهون آيا. جڏهن ته ڏکڻ ضلعي مان 164 ۽ اولهه ضلعي مان 140 ڪيس رپورٽ ٿيا.
ڪورنگي ضلعي مان 135، وچ ضلعي مان 36، اوڀر ضلعي مان 34 ۽ ڪياماڙي ضلعي مان 14 ڪيس سامهون آيا.
سنڌ جي صحت کاتي موجب حيدرآباد ڊويزن ۾ مليريا جا 35 هزار 94، سکر ۾ 9 هزار 949 ۽ لاڙڪاڻي ۾ 27 هزار 57 ڪيس رپورٽ ٿيا.
جڏهن ته ميرپورخاص مان مليريا جا 7 هزار 781 ۽ شهيد بينظيرآباد مان 10 هزار 200 ڪيس رپورٽ ٿيا.