جيڪڏهن توهان سمارٽ فون استعمال ڪندا آهيو ته ان کي چارج به ڪرڻو پوندو آهي.
عام طور تي هڪ فون کي مڪمل چارج ٿيڻ ۾ 30 منٽن کان ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين وقت لڳي سگهي ٿو، جنهن جو دارومدار ان ڳالهه تي هوندو آهي ته فون جي بيٽري تيز چارجنگ جي سهولت رکي ٿي يا نه.
پر هاڻي سائنسدانن اهڙي بيٽري تيار ڪئي آهي، جيڪا روپ ڪجهه منٽن ۾ مڪمل چارج ٿي سگهي ٿي ۽ ان جي عمر پڻ تمام گهڻي هوندي.
ها، واقعي آسٽريليا جي فلينڊرز يونيورسٽي جي محققن هڪ نئين قسم جي بيٽري تيار ڪئي آهي، جنهن کي 60 هزار ڀيرا مڪمل چارج ڪري سگهجي ٿو.
پر ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته ان بيٽري کي مڪمل چارج ڪرڻ لاءِ رڳو 3 منٽ گهربل هوندا.
هن بيٽري ۾ زنڪ آيوڊين جي بلڪل مختلف ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وئي آهي ۽ ان ۾ باهه لڳڻ جو خطرو پڻ ناهي.
هن وقت سمارٽ فونن ۾ لٿيم آئن بيٽريون استعمال ٿين ٿيون، جن ۾ ٻه تهون هونديون آهن. هڪ لٿيم ڪوبالٽ آڪسائيڊ جي ۽ ٻي گريفائيٽ جي.
جڏهن لٿيم آئن گريفائيٽ واري تهه مان لٿيم ڪوبالٽ واري تهه ڏانهن حرڪت ڪندا آهن ته اليڪٽران خارج ٿيندا آهن.
جڏهن توهان بيٽري چارج ڪندا آهيو ته آئن ٻي طرف حرڪت ڪري اتي گڏ ٿيندا آهن، جيڪي بعد ۾ فون استعمال ڪرڻ دوران خارج ٿيندا آهن.
توانائي جي ان اخراج سان گرمي پيدا ٿيندي آهي، جيڪا فون جي پٺئين حصي تي ان وقت محسوس ٿيندي آهي، جڏهن فون کي گهڻو چارج ڪيو وڃي يا گهڻو استعمال ڪيو وڃي.
اها گرمي ڊگهي عرصي دوران بيٽري کي نقصان پهچائي سگهي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو سمارٽ فونن جون بيٽريون ڪجهه مهينن يا سالن کان پوءِ چارج رکڻ جي صلاحيت آهستي آهستي وڃائڻ لڳنديون آهن ۽ ائين تقريبن هر فون سان ٿيندو آهي.
پر آسٽريليا جي ماهرن جيڪا بيٽري تيار ڪئي آهي، اها ان کان بلڪل مختلف آهي، جنهن ۾ زنڪ آيوڊين استعمال ڪيو ويو آهي.
محققن موجب هن نظام ۾ گهٽ خرچ واري سائيڪلوڊيڪسٽرن (Cyclodextrin) تي ٻڌل پوليمر استعمال ڪيو ويو آهي.
هي پوليمر خوراڪ، سينگار جي شين، دوائن ۽ ٻين ڪيترن ئي شعبن ۾ استعمال ٿيندو آهي، پر اهو برقي چارج رکندڙ ايٽمن کي پڻ چارج ڪري سگهي ٿو.
جيڪڏهن هڪ بيٽري کي 60 هزار ڀيرا مڪمل چارج ڪري سگهجي ٿو ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته نظرياتي طور تي ان جي بيٽري لائف 164 سالن تائين ٿي سگهي ٿي.
هن وقت اڪثر سمارٽ فونن جي بيٽري جي ڪارڪردگي هڪ کان ٻن سالن تائين بهتر رهندي آهي.
فلينڊرز يونيورسٽي جي ماهرن ٻڌايو آهي ته هي نئين بيٽري اڃا سمارٽ فونن لاءِ دستياب ناهي، ڇاڪاڻ ته ان کي مارڪيٽ ۾ آڻڻ کان اڳ وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي.