ڪراچي ۾ ثقافت ڏهاڙي تي پوليس موبائل تي حملي جو ڪيس داخل

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي پوليس موبائيل تي حملي جو ڪيس قومپرست پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪراچي جي صدر ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. آءِ جي سنڌ راجا رفعت مختار آچر جي شام شارع فيصل جي نرسري واري علائقي ۾ بدامني ۽ شرپسندي جي واقعي جو نوٽيس ورتو. واقعي جو ڪيس صدر ٿاڻي تي موبائيل آفيسر جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس موجب آچر جي شام 5 وڳي موٽرسائيڪلن ۽ ڪارن تي سوار ريلي ايف ٽي سي وٽ پهتي، ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن شارع فيصل کي بلاڪ ڪري ڇڏيو. ريلي ۾ شريڪ ماڻهن جي هٿن ۾ لٺيون ۽ جهنڊا هئا، ڪيس جي متن موجب شرپسندن کي روڪڻ تي پوليس موبائل ۽ اهلڪارن تي چڙهائي ڪئي وئي. فريادي سميت اهلڪار گلريز، آصف ۽ نعمان زخمي ٿي پيا ۽ صدر ٿاڻي جي موبائيل جو شيشو، نيري بتي، هيڊ لائيٽ ۽ بمپر ٽوڙي ڇڏيا، جڏهن ته رسالا ٿاڻي جي موبائيل جو شيشو به ٽوڙي نقصان پهچايو ويو. ٻئي پاسي آءِ جي سنڌ راجا رفعت مختار جو چوڻ آهي ته پوليس وين تي حملو شرمناڪ عمل آهي. هن ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا کي جاچ آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. جاچ ٽيم ۾ ايس ايس پي انويسٽيگيشن ڏکڻ ۽ ٻيا آفيسر شامل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.