فقير آباد ۾ ثقافتي ريلي ڪڍندڙ 30 ڄڻن مٿان بغاوت جو ڪيس داخل

گمبٽ (ن ع آ) فقيرآباد ۾ ثقافتي ريلي ڪڍندڙ 30 ڄڻن مٿان گمبٽ ٿاڻي تي بغاوت جو ڪيس داخل  ڪيو ويو، 4 سڃاتل ۽ 26 اڻسڃاتل  قومپرست ۽ سياسي سماجي ڌرين جا ڪارڪن نامزد ڪيا ويا، گمبٽ ريلوي اسٽيشن ڀرسان فقير آباد ۾ ثقافتي ڏھاڙو ملھائيندڙ 30 ڄڻن خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو، گمبٽ ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت ۾ داخل ڪيل ڪيس ۾ چئن سڃاتل غلام فريد خاصخيلي، ضمير حسين ڀٽي، زاھد حسين شنباڻي ۽ مرتضيٰ خاصخيلي سميت 26 اڻسڃاتلن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. قلم 505، 153، 143، 142، 141، 341 پي پي سي تحت داخل ڪيل ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گمبٽ ريلوي ڦاٽڪ ڀرسان فقير آباد لنڪ روڊ تي 25/30 ماڻھو ھٿن ۾ جيئي سنڌ جا جھنڊا کڻي روڊ بلاڪ ڪري عوام جي دلين ۾ نفرت پکيڙڻ لاءِ ملڪ پاڪستان خلاف نعريبازي ڪري رهيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.