اسلام آباد (م ڊ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف جي اڳوڻي چيئرمين عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف غير شرعي نڪاح ڪيس جي چئن شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي سول جج قدرت الله غير شرعي نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا جي گهريلو ملازم محمد لطيف پنهنجو بيان درخواستگذار وڪيل رضوان عباسي جي موجودگي ۾ قلمبند ڪرايو. محمد لطيف بيان قلمبند ڪرائيندي چيو ته عمران خان بشريٰ بي بي جي گهر ايندو هو ۽ هو بشريٰ بي بي سان گڏ ڪمري ۾ هليو ويندو هو، مان ڪمري ۾ ويندو هيس ته عمران خان گهٽ وڌ ڳالهائيندو هو. عمران خان خاور مانيڪا جي بني گالا واري گهر ۾ 2015 ۾ اچ وڃ شروع ڪئي، ايندڙ هڪ ٻن سالن ۾ اچ وڃ وڌي وئي. سندس موجب عمران خان سدائين خاور مانيڪا جي غير موجودگي ۾ گهر ايندو هو، خاور مانيڪا کي جڏهن بشريٰ بي بي سان ڳالهائڻو هوندو هو ته ان جي فون بند هوندي هئي، پوءِ هو مون کي فون ڪندو هو، ان تي خاور مانيڪا ۽ بشريٰ بي بي ۾ جهيڙا شروع ٿيا. نيٺ 2017 ۾ خاور مانيڪا بشريٰ بي بي کي طلاق ڏئي ڇڏي، جڏهن خاور مانيڪا کي ڳالهرائڻ بشريٰ بي بي ڏي فون کڻي ويندو هيس ته هو ڇنڊ پٽيندي هئي.
زال جي حرڪتن تي خاور مانيڪا 5 سال ڇو خاموش رهيو؟
لاهور(عوامي آواز نيوز) خاور مانيڪا کي 5 سالن تائين خبر نه پئي ته سندس گهرواري(بشريٰ بي بي) بدڪاري ڪري رهي آهي؟عمران سندس گهرجي ڪمري ۾ اگهاڙي حالت ۾ هو ته خاور مانيڪا تڏهن ڇو چپ هو؟وي لاگر عمران شفقت پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت ۾ ته هن عمران خان سان گڏ عمرا به ادا ڪيا،اسلام آباد جي عدالت ۾ خاور مانيڪا جي بيان جي رڪارڊ ڪرڻ وقت جج مانيڪا کي طنزيه جملا به چيا، عدالتي ٻڌڻي دوران رپورٽرن ملازم لطيف جي واتان چيل اعتراض جوڳا جملا رپورٽ ناهن ڪيا، لطيف اهو بيان خاور مانيڪا جي مرضي سان بيان ڏنو هوندو، اها ڳالهه ته لطيف ڪڏهن ڪنهن ويجهي مائٽ،دوست يار کي نه چئي ڇو ته عمران خان بابت اهڙيون ڳالهيون لڪنديون ناهن،سوال اهو ٿو اٿي ته عمران ۽ بشريٰ بي بي خاور مانيڪا جي گهر ۾ ڪمري ۾ اعتراض جوڳي حالت ۾ هئا ته پوءِ دروازو ڪيئن کليل رهيو؟ ان ڪهاڻي ۾ خامي ۽ ڪوڙ آهي، اهڙن بيانن سان عمران جي ووٽ بئنڪ تي ڪو به اثر نه پوندو
مانيڪا توڙي سندس ملازم جي بيان جي ڪا به اهميت ناهي: حامد خان
لاهور(م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حامد خان جو چوڻ آهي ته خاور مانيڪا جي بيان جي اهميت ناهي ته پوءِ ملازم جي بيان جي ڪهڙي اهميت آهي.لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي حامد خان چيو ته پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن ڪنهن به ڳالهه تي مشروط ناهي، هي انٽرا پارٽي اليڪشن به ساڳي آهي، جيڪي ٻيون پارٽيون ڪنديون آهن.حامد خان جو چوڻ آهي ته ن ليگ، پ پ، جي يو آءِ جا عهديدار بنا مقابلي چونڊيا ويا، انهن ماڻهن کي پي ٽي آءِ جي چونڊن تي ڪهڙو اعتراض آهي.
بدڪردار شخص کي صادق ۽ امين جو لقب ڪنهن ڏياريو؟
لاهور (عوامي آواز نيوز) عدالت ۾ اڄ جنهن عمران خان کي بي شرم ۽ بي حيا ثابت ڪيو پيو وڃي ان عمران خان کي صادق ۽ امين جو لقب ڪنهن ڏنو، نامياري صحافي ممتاز ڀٽي چيو ته حيرت انهن جواهرين تي آهي جن هڪ بدڪردار ۽ پلي بواءِکي تراشي رياستي وسيلا ۽ پئسا خرچ ڪري ميڊيا کي مجبور ڪري پگهاردار اينڪرن ذريعي قوم کي باور ڪرايو ته عمران خان عالم اسلام جو ليڊر ۽ هيرو آهي. هاڻي وري آڊيو ۽ وڊيو ليڪ ڪري قوم کي ٻڌايو پيو وڃي ته عمران خان وڏو بدڪردار آهي، عوام جو خوشحال حصو ته گمراهه ٿي چڪو هاڻي اهو طبقو ڪجهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي، هاڻي ڇا خاور مانيڪا کي هيرو ڪرڻو آهي، يا ڪو ٻيو مقصد آهي. نامياري صحافي سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته خاور مانيڪا جي ملازم جو بيان ٻڌي شرم کان ڪنڌ جهڪي وڃي ٿو. پر سوال آهي ته 2017ع ۾ خاور مانيڪا جي غيرت ڪاڏي وئي هئي. هاڻي ڇو غيرت جاڳي آهي. شرافت جي گهرج ته اها آهي ته جيڪو ٿيو کڏ ۾ وڃي پئي خاموش ٿي وڃجي، هاڻي چوراهي تي پنهنجي عزت گهلڻ جو ڇا فائدو آهي. هاڻي ته معاشري ۾ اها غلاظت پکڙجي چڪي آهي. صحافي ممتاز ڀٽي جو چوڻ آهي ته معاشري ۾ غلاظت پکيڙڻ جا ذميوار ماضيءَ جا رياستي منصبدار آهن.