اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مذهبي معاملن واري وزارت چيو آهي ته حج پورٽل ذريعي پرائيويٽ حج اسڪيم جي بُڪنگ ڪوٽا مڪمل ٿيڻ تائين جاري آهي.
مذهبي معاملن واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته حج آپريشن کي مڪمل ڊجيٽل بڻائڻ واري حڪومتي پاليسي جا هاڪاري نتيجا سامهون ايندا.
پڌرائي موجب، سرڪاري حج اسڪيم لاءِ مقرر ڪيل سيٽون رڳو 7 ڏينهن ۾ مڪمل ٿي ويون، جڏهن ته 20 کان 25 ڏينهن واري شارٽ حج پيڪيج جون سيٽون پهرين 24 ڪلاڪن اندر ئي مڪمل ٿي ويون.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته لانگ حج پيڪيج جون باقي سيٽون به اڄ منجهند 12 وڳي تائين مڪمل ٿي وينديون، جڏهن ته حج پورٽل ذريعي پرائيويٽ حج اسڪيم جي بڪنگ ڪوٽا مڪمل ٿيڻ تائين جاري رهندي.
پڌرائي ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته سرڪاري حج اسڪيم جون سموريون سيٽون رڳو 7 ڏينهن ۾ مڪمل ٿيڻ هڪ اهم اڳڀرائي آهي، حج رهتن جي اوڳاڙي وارو عمل 18 ۽ 19 آگسٽ جي وچ واري رات شروع ٿيو هو.
Next Post
You might also like