ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا ۽ ڀارت وچ ۾ جاري ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ سريلنڪا جي بالر پرڀاٿ جئه سوريا کي آءِ سي سي طرفان وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.
راند جي ٻئي ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي پرڀاٿ جئه سوريا آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ بائونڊري لائين تي بال کي لت هنئي، جنهن تي آءِ سي سي ڪارروائي ڪندي کيس هڪ ڊي ميرٽ پوائنٽ ڏنو.
ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ هنيئر تائين ٽن رانديگرن خلاف ڪارروائي ٿي چڪي آهي.
ان کان اڳ ڀارتي بيٽر يشسوي جئسوال ۽ سريلنڪن بالر اسيٿا فرنينڊو تي به ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو هو.
You might also like