بلاول ۽ زرداري جا اختلاف: پ پ ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي ويندي؟

تحرير: انور ساجدي

ڪجهه ڏينهن اڳ صدر آصف علي زرداريءَ، حامد مير کي ٻن ڪلاڪن جو ڊگهو انٽرويو ڏنو هو. جنهن جو مقصد پنهنجي پٽ بلاول ڀٽو جي ان بيانئي کي بلڊوز ڪرڻ هو جنهن ۾ هن ستر ستر سالن جي ”بابن“ کي سياست ڇڏڻ جو چيو هو ۽ کين مدرسن ۽ گهرن ۾ ويهي ڪري الله الله ڪرڻ  جو مشورو ڏنو هو. خير سان آصف زرداري پاڻ به ايندڙ سال 70 ورهين جو ٿي ويندو.

پيءُ پٽ جي بيانن، نقطئه نظر ۽ هڪ ٻئي جي مخالف بيانن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هڪ ۾ ڳالهه ڪرڻ جو افعال ناهي جڏهن ته ٻئي ۾ وري سيلقو ناهي. ڳالهه ته بلاول جي صحيح آهي ته نوجوانن کي اڳتي اچڻ جو موقعو ڏنو وڃي پر ان کي اها ڄاڻ ناهي ته سياست هڪ بي رحم راند آهي ۽ هي زندگي جو واحد شعبو آهي جنهن ۾ رٽائرمينٽ جو تصور ناهي هوندو. هن وقت آمريڪي صدر جو بائيڊن جي عمر 80 سالن کان مٿي آهي.ڀارت جي هڪ وزيراعظم جي ڊيسائي جي عمر عهدو سنڀالڻ وقت 81 سال هئي. آمريڪا ۾ اڳوڻي صدر ڊونالڊ ٽرمپ ايندڙ چونڊن ۾ به اميدوار آهي. جيڪڏهن اهو چونڊجي ويو ته انجي عمر به 80 سال جي لڳ ڀڳ ٿي ويندي.

جيتوڻيڪ عمر جي شرط سياست ۽ سياسي عهدن سان ناهي هوندي. بلاول جو نانو ذوالفقار علي ڀٽو 27 سالن جي عمر ۾ اسڪندر مرزا جي ڪابينا ۾ وزير بڻجي ويو هو. جڏهن ته بلاول جي والده 35 سالن جي عمر ۾ وزارت عظميٰ جي عهدي تي مقرر ٿي هئي. جيڪڏهن بلاول کي وزيراعظم بڻجڻ جو موقعو ملي ٿو ته سٺي ڳالهه آهي ته پر اهو به وقت کان اڳ جو معاملو آهي. پهريون چونڊن جو انتظار ڪيو وڃي جڏهن اهي ٿي وينديون ته پوءِ خبر پوندي ته ڪنهن جماعت اڪثريت ماڻي آهي. اڪثريت جي بنا وزيراعظم بڻجڻ خام خيالي آهي.

زرداريءَ پنهنجي پٽ کي تربيت هيٺ ۽ اڻ تجربيڪار قرار ڏنو آهي. اها ڳالهه هن 2018ع ۾ به چئي هئي. آخر اها ڪهڙي تربيت آهي جيڪا اڃا تائين مڪمل ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي. ان مان ته اهو ئي ٿو ظاهر ٿئي ته زرداري جي تربيت ۾ کوٽ آهي. اها خامي پاڻ زرداري ۾ آهي. جنهن جو اعتراف ڪرڻ گهرجي. بلاول جو اهو چوڻ به درست آهي ته پاڪستان جن سياسي معاشي ۽ ٻين گهوٽالن ۾ ورتل آهي تنهن جو هڪ سبب ستر ستر سالن جي پوڙهن جو آهي انهن هميشه هڪٻئي جي خلاف ڇڪتاڻ جو ماحول ٺاهيو ۽ مقتدر طاقت جي هٿان هر هر استعمال ٿيندا رهيا. بلاول جي خيال ۾ اهي اڳتي به پنهنجي انتقام کي ٿڌو ٿيڻ نه ڏيندا.

زرداري جي گفتگو جو سليقو اهو آهي ته محسن نقوي جي سوال تي هن پنهنجي پارٽي جي اڳواڻ نديم افضل چن جي باري ۾ چيو ته ان کي ڪنهن به شئي جي خبر ناهي ته محسن نقوي ن ليگ جو سهولت ڪار آهي پر زرداري جي دعويٰ آهي ته محسن ان جو پٽ آهي.مونس الاهي جي باري ۾ هن چيو ته پوڙهي پيءُ کي جيل ۾ ڇڏي هو پاڻ پرڏيهه فرار ٿي ويو آهي جيڪڏهن ان ۾ غيرت هجي ها ته ايئن نه ڪري ها. قدوس بزنجو جي باري ۾ هن چيو ته سندس پاسري ڪمزور آهي يعني هن پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي حامي ڀري ۽ پوءِ پنهنجي قول تان ڦري ويو.

زرداري سياست جو شاهه سوار آهي پر ايندڙ چونڊن ۾ کيس ان ڳالهه جو خدشو آهي ته پاڪستان ۾ اقتدار جو جيڪو ”زلزلي جو پيمانو“ مرڪز آهي تنهن جي مرضي سان ئي سڀ ڪجهه ٿيندو آهي في الحال منصوبو اهو آهي ته ن ليگ کي هر قيمت تي اقتدار  ۾ آندو وڃي ڇاڪاڻ ته باجوه ساڻس زيادتي ڪئي هئي ۽ ان جو ازالو ادارن لاءِ ضروري آهي. اهو به فيصلو آهي ته عمران خان کي ايندڙ چونڊن کان ٻاهر رکيو وڃي جڏهن ته پ پ کي اپوزيشن ۾ ويهڻ جو موقعو ڏنو وڃي. ڀلا زرداري حڪومت بنا ڪيئن ٿو رهي سگهي. جيڪڏهن مٿس ڪا گهڻي مهرباني ٿي ته کيس سنڌ حڪومت ڏني ويندي. جڏهن ته ارادو ته اهو ٿو نظر اچي ته هن ڀيري سنڌ حڪومت کيس نه ڏني ويندي.

زرداري جي چالاڪي، ڊپلوميسي ۽ سياسي چالن جو واحد مقصد اهو آهي ته جيڪڏهن مرڪز ۾ چانس ناهي ڏيڻو ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌ حڪومت سندس حوالي ڪجي.  جيستائين بلاول جو تعلق آهي ته هو فرمانبردار پٽ ضرور آهي پر انجي سياسي ايپروچ والد کان مختلف آهي. تنهن ڪري اهو سمجهڻ گهرجي ته پ پ ۾ ٻه گروپ ٺهي چڪا آهن جيڪي اڳتي هلي حقيقي شڪل ٺاهي وٺندا.

زرداري جي چالاڪي، ڊپلوميسي ۽ سياسي چالن جو واحد مقصد اهو آهي ته جيڪڏهن مرڪز ۾ چانس ناهي ڏيڻو ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌ حڪومت سندس حوالي ڪجي.  جيستائين بلاول جو تعلق آهي ته هو فرمانبردار پٽ ضرور آهي پر انجي سياسي ايپروچ والد کان مختلف آهي. تنهن ڪري اهو سمجهڻ گهرجي ته پ پ ۾ ٻه گروپ ٺهي چڪا آهن جيڪي اڳتي هلي حقيقي شڪل ٺاهي وٺندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.