اي اين جي عباسي جي لاڏاڻي جي سنڌودرياهه سان تعزيت ڪجي ٿي

تحرير: زرار پيرزادو

¨ سنڌودرياهه جي دوست، انجي وجود جي بقا ۽ سلامتي جو سڄي ڄمار ڪيس وڙهندڙ آبپاشي جي ماهر اي اين جي عباسيءَ جي لاڏاڻي جي پهرين تعزيت سنڌودرياهه سان ڪجي ٿي.

¨ اي اين جي عباسي جي ڪالهه اسلام آباد ۾ ٿيل لاڏاڻي جي خبر تي اسين سڀ سنڌ واسي سوڳوار آهيون ۽ اهو جملو حقيقي معنيٰ ۾ اين جي عباسي جهڙين شخصيتن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته اهڙيون شخصيتون صدين ۾ پيدا ٿينديون آهن.

¨ اي اين جي عباسي جيئن ته سنڌودرياهه ۽ آبپاشي جو ماهر هو تنهن ڪري سندس ڪم، رپورٽ ۽ مقالن کي ڪتابي شڪل ڏئي ڪري محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي جو هو پاڻ هاڻي هن دنيا ۾ ناهي رهيو پر سندس تحريري ۽ تحقيقي ڪم کي جيئدان ڏيڻ گهرجي.

¨ اي اين جي عباسي حقيقي معنيٰ ۾ سنڌ جي عظيم شخصيت هئي. سندس عظمت جو اهو حوالو سنڌ جي تاريخ ۾ سونهري باب جو مقام رکي ٿو جو هن جنرل مشرف جي آمراڻي دور ۾ ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪري ان جي سرڪاري مهم مان هوا ڪڍي ڇڏي هئي.

¨ جنرل مشرف دعويٰ ڪئي هئي ته هو ڪالاباغ ڊيم لاءِ سنڌ کي قائل ڪري ويندو. ان جا سڀ خدشا ختم ڪري ڇڏيندو ۽ ايئن ڪالاباغ ڊيم تي سنڌي عوام راضپو ظاهر ڪري وجهندو.

¨ مشرف جي دور جي ان سرڪاري مهم ۾ هن، سنڌ جي ئي پاڻي جي ماهر اي اين جي عباسيءَ کان پاڻي جي مسئلي تي فني رپورٽ لکائڻ جي الائي ڇا سمجهي ڪري سائمينٽ ڏني شايد ان کي غلط فهمي هئي ته اي اين جي عباسي ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ رپورٽ ٺاهي ڏيندو.

¨ پر ايئن نه ٿيو اڃا  به ايئن چئجي ته اي اين جي عباسيءَ جي مرتب ٿيل رپورٽ ۽ نتيجن ڪالاباغ ڊيم جي حامي مهم کي هميشه لاءِ دفن ڪري ڇڏيو.

¨ اي اين جي عباسيءَ پنهنجي تفصيلي رپورٽ ۾ انگن اکرن سان ثابت ڪيو ته ڪالاباغ ڊيم موجوده وقت ۾ فزيبل ئي ناهي. ڪو ڊيم ٺاهڻو به آهي ته ان تڏهن ڀاشا ڊيم جي تجويز ڏني هئي ڊيم ٺاهڻ جي گنجائش ڪڍي هئي ۽ ان جڳهه کي ئي موزون قرار ڏنو هو.

¨ اها رپورٽ ايڏي ته مڪمل هئي جو ملڪ جو ڪو به پاڻي جو ماهر ان کي چئلينج نه ڪري سگهيو هو ۽ جنرل مشرف پڻ ان رپورٽ آڏو پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا هيا.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته اي اين جي عباسي کي سنڌ واسي ڪالاباغ ڊيم ڪيس جو فاتح سمجهن ٿا. اي اين جي عباسيءَ پنهنجي ان ڪاوش سان اهو به ثابت ڪيو ته سنڌ جو ڪيس جذباتي نعرن سان نه پر سائنسي ۽ تاريخي دليلن ۽ مهارت سان کٽي سگهجي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.